اليڪشن ڪميشن جي گهرج موجب بدليون مقرريون ٿينديون: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس رفعت مختار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي گهرج  موجب  بدليون مقرريون  ٿينديون، آءِ جي سنڌ سنڌي مسلم سوسائٽي جي خانگي ريسٽورنٽ ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا ٻڌڻ بعد لاڳاپيل آفيسرن کي سندن مسئلا حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ميڊيا سان ڳالهائيندي رفعت مختار کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾  بدلين ۽ مقررين جون ڪيتريون ئي افواهون آهن جنهن تي هن جواب ڏنو ته جنهن سماج ۾ ڪوڙ هوندو آهي اتي رڳو افواهون هونديون آهن، ٽرانسفر پوسٽنگ اليڪشن ڪميشن جي گهرج آهي. هن چيو ته عام چونڊون شفاف طريقي سان ٿيڻيون آهن، ان ڪري ٽرانسفر پوسٽنگ ٿيڻي آهي، ان ۾ ڪا به افواه نه آهي. آءِ جي سنڌ کان هڪ ٻيو سوال پڇيو ويو ته سسٽم بابت تمام گهڻو گوڙ آهي. جنهن تي رفعت مختار جواب ڏنو ته مون کي ڪنهن به نظام جي خبر ناهي ته پوءِ سسٽم اندر ڪيئن ڪم ڪندس، شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته شهيدن جي وارثن سان ملاقات جو مقصد کين اهو احساس ڏيارڻ آهي ته هو ڪڏهن به اڪيلو نه آهن پر سنڌ پوليس هر وقت سندن ڏک ۾ گڏ آهي ۽ شهيد اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.