خانپور(رپورٽ: عاصم) خانپور ۾ پلاٽ جي معاملي تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون، ڪهاڙيون، سرون ۽ ڇريون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، پوليس اهلڪار سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نادرا آفيس اڳيان عبدالقدوس بروهي ۽ عثمان بروهي جي ڌرين ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون، ڪهاڙيون سروٽا۽ ڇريون لڳڻ سبب هڪ ڌرجو اشرف بروهي قتل ٿي ويو, محمد مصطفيٰ، عبدالطيف بروهي، عبدالقدوس بروهي، محمديونس بروهي، عبدالله بروهي، زاهد حسين بروهي، عبدالرحيم بروهي ۽ ٻي ڌر جا ايڊوڪيٽ زڪريا بروهي، عبدالطيف بروهي، زاهدبروهي، يحيٰ بروهي ۽ وچ ۾ اچڻ ۽ ٻن ڌرين کي ڇڏائڻ دوران هڪ پوليس اهلڪار جاويد هڪڙو به زخمي ٿي پيا، زخمين کي خانپور اسپتال داخل ڪري طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ اعلاج لاءِ شڪارپور اسپتال ريفر ڪيو ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.