شهيد امداد جوئي جي ڌيءُ جي رياست کي ميار

ڪوئيٽا(م ڊ) جهل مگسي ۾ بااثر سردارن  پاران قتل ڪيل امداد جوئي جي ڌيءَ ارباب جويي چيو آهي ته نواب مگسي پنهنجي زمينن تي هارين کان مفت فصل لڻائيندو آهي، نه ڏيڻ تي هارين کي ماريندو آهي، والد امداد جويي کي قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن رياست بااثرن سان گڏ آهي ته پوءِ اسان کي انصاف ڪير ڏيندو؟ اسان کي انصاف ڪير ڏيندو؟ هن چيو ته هن چيو ته جهل مگسي ۾ نواب پنهنجي سلطنت قائم ڪري غريبن جي زمينن تي قبضو ڪري رهيا آهن، نواب مگسي هارين کي قتل ڪري رهيا آهن، هٿياربند ماڻهو ۽ ضلعي انتظاميا نوابن جي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري ٿي، حملي ۾ منهنجي هڪ ڀيڻ سخت زخمي ٿي پئي آهي، هن چيو ته هو ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان جي رياست کان انصاف جي گهر ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ڪو نوٽيس وٺي ها ته پيءُ کي قتل نه ڪيو وڃي ها. هنن چيو ته اسان کي لاش کڻي احتجاج ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي، ايس ايس پي جعفرآباد خود احتجاج کي روڪڻ لاءِ آيو هو، معلوم ڪرڻ تي سرڪاري عملدارن چيو ته مٿن دٻاءُ آهي جيڪڏهن رياست بااثر نوابن سان  گڏ آهي ته اسان کي انصاف ڪير ڪندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.