کپري ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس زال کي ماري ڇڏيو

کپرو (رپورٽ: اسلم بوزدار)  کپرو ڀرسان جوابدار غيرت ۾ اچي زال کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، کاھي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ رسول بخش  مھر جي رھواسي حسين شر ڪارنھن الزام هيٺ پنھنجي گھر واري فتح خاتون شر کي ڳلو دٻائي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي کاھي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،کاهي پوليس موجب عورت کي مڙس بيدردي سان قتل ڪيو آهي، جوابدار  اعتراف ڪيو آهي ته منهنجي گهر واري جا هڪ شخص سان ناجائز  لاڳاپا هئا، غيرت ۾ اچي ان کي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ٻئي طرف مقتول عورت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.