لاهور (عوامي آواز نيوز) سائفر سازش ڪيس ۾ جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاريءَ جا امڪان وڌي ويا آهن. نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جنرل (ر) مرحوم حميد گل جي پٽ عبدالله گل ٽوئيٽ ڪري اشارو ڏنو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ايف آءِ اي آڏو جاچ دوران سائفر سازش جو ماسٽر مائينڊ جنرل ( ر) فيض حميد کي قرار ڏنو آهي ، ان ڪري ان جي گرفتاريءَ جو امڪان آهي. جڏهن ته مرحوم مشاهد الله جي پٽ ڊاڪٽر افنان الله لنڊن ۾ (ن) ليگ جي ميٽنگ ۾ شرڪت کانپوءِ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ادارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. يا ماضيءَ ۾ غلطيون ڪندڙ پٽي ڀائين کي بچائڻو آهي. ڇو ته ماضيءَ جي غلطين جو اعتراف ڪندي ذميوارن خلاف جيستائين ڪارروائي نه ڪئي ويندي تيستائين ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو. انهن اشارن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته عمران پراجيڪٽ کي ملڪ تي مڙهڻ وارن ڪردارن جو احتساب ڪيو ويندو. ان ۾ جسٽس (ر) ثاقب نثار، جسٽس (ر) آصف سعيد کوسو، جنرل (ر) باجوه به گهيري ۾ ايندا.