ڀارت جا پير چنڊ تي آهن ، اسان جي حڪمرانن جا پير عوام جي ڳچيءَ تي آهن:سراج الحق

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته چونڊن ۾ 90 ڏينهن کان وڌيڪ هڪ ڏينهن جي به دير قبول ناهي. مقرر آئيني مدي ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون. اھڙن خيالن جو  اظهار ھن منصوره ۾ بنگلاديش جماعت اسلامي جي امير علامه دلاور حسين سعيدي جي شهادت جي سلسلي ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.سراج الحق مهانگائي، بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو ۽ عوام کي اٿڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو  پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙو ٿيو،هن چيو ته ڀارت جا پير چنڊ تي آهن ۽ اسان جي حڪمرانن جا پير عوام جي ڳچيءَ تي آهن. پنجن سالن ۾ ٽي حڪومتون تبديل ٿيون آءِ ايم ايف جي پاليسين تي عمل ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته بجلي جي بل ۾ 16 قسم جا ٽيڪس شامل آهن في يونٽ جي قيمت 56 رپيا ٿي وئي آهي، غريب بل ادا ڪري ٿو، حڪمران طبقو اربين جي بجلي مفت ۾ استعمال ڪري ٿو مزدورن جي بجلي جو بل 50 هزارن تائين پهچي ويو آهي. ماڻھو بجلي جي بلن کي ساڙي رهيا آهن. خودڪشيون ڪري رهيا آهن.عوام هاڻي وڌيڪ قربانيون نه ٿو ڏئي سگهي قرض وٺي کائيندڙ حڪمرانن جي ملڪيتن جو آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ ملڪ جو قرض ادا ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.