اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته هو پاڪستان کي سستي گئس، بجلي ۽ تيل ڏئي سگهن ٿا.اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي قومي اخبارن جي ايڊيٽرن جي اعزاز ۾ ڏنل رات جي ماني جي دعوت دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي گادي وارن شهرن وچ ۾ سڌي ريت اُڏامون شروع ٿينديون ان لاءِ ايران پاڪستان کي باضابطا تجويز ڏني آهي ۽ پاڪستان ان تجويز جي ڪابينا کان منظوري وٺڻ کانپوءِ فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ بابت اتفاق ڪري ورتو آهي.هن ٻڌايو ته پاڪستان پي آءِ اي کي اسلام آباد کان ايران لاءِ ففٿ فريڊم جي سهولت گهري آهي، ايران به اهڙي قسم جي سهولت پنهنجي چئن ايئر لائينز لاءِ طلب ڪئي آهي، هن جو چوڻ هو ته جيئن ته آمريڪا جون پابنديون آهن انڪري اسان اهڙو حل ڳولڻ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستان جيڪڏهن ايران کان گئس پائيپ لائين وٺي تي ان کي پريشاني نه ٿئي.هن چيو ته پاڪستان بجلي ۽ گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ايران پاڪستان سستي گئس، بجلي ۽ تيل فراهم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي.