حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز وفاقي سرڪار پاران بجلي جي قيمتن ۽ ٽيڪس ۾ اضافي خلاف سڀاڻي حيدرآباد ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو اجلاس صدر عديل صديقي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مڙني تنظيمن جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سمورن تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته 8 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڊٽيڪشن سبب اڳ ئي هو عذاب ۾ هئا. تازو وفاقي سرڪار بجلي قيمتن ۽ ٽيڪس ۾ بي پناهه اضافو ڪري کين ڪاروباري سرگرميون بند ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. واپارين چيو ته هاڻي هو ڪنهن به صورت ۾ خاموش ٿي نه ويهندا ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ 28 آگسٽ تي شٽرڊائون هڙتال ڪري ڀرپور نموني احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا ۽ جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ٿيا ته هو مجبور ٿي حيسڪو خلاف اعليٰ عدالت سان به رجوع ڪندا. اجلاس ۾ اويس خان،اسلم خان ديسوالي, احسان ناغڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.