اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست ۽ عوام وچ ۾ اهڙي سماجي معاهدي تي يقين رکون ٿا، جتي حقن جو تحفظ هجي، جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضامن آهي، آمريڪا سان تعميري، اثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداري چاهيون ٿا، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ويجهو سهڪار آهي، پاڪستاني عوام باصلاحيت آهي ۽ موجوده بحرانن تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو هن هارورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سان ملاقات ۽ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته ٻين ملڪن کي پنهنجي مفادن لاءِ ان مان سبق سکڻ گهرجي، ضروري ناهي ته آمريڪا سان هر معاملي تي اتفاق ٿئي. هن چيو ته سموري دنيا آمريڪا کي هڪ وڏي طاقت طور ڏسي ٿي، جڏهن ته گڏ ئي اها اميد رکي ٿي ته هو پاڻ کي گرين پاور ۾ تبديل ڪندو. هن چيو ته حڪومت جي تبديلي آئيني طريقي سان عمل ۾ آئي ۽ جمهوريت ئي پارليامينٽ جي مضبوطي جي ضمانت آهي. جمهوريت ۽ عددي بنيادن تي آمريت ۾ فرق ڄاڻڻ تمام صروري آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به جمهوريت جي نالي تي اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر آئيني مدي دوران خرچن ۾ گهٽتائي، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڀرپور توجهه ڏيندي، نگران وزيراعظم سماجي نظم و ضبط جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان مختلف معاملن تي آمريڪا سان هاڪاري انداز ۾ مصروف عمل رهيو آهي. هن چيو ته مختلف عالمي مسئلن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف ۽ اتفاق به ٿيو، آءِ ايم ايف دوست آهي نه دشمن آهي، اصل دشمن اسان جي خرچن جي عادت ۽ پنهنجي آمدني پيداوار جو طريقيڪار آهي.