فيصلو ڪرڻو پوندو ته اميرن تي ٽيڪس ڪيئن لڳائڻو آهي، رڳو غريبن ڏوهه ناهي ڪيو: مفتاح اسماعيل

اسلام اباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجلي جي ڳرن بلن ۾ نگران حڪومت جو ڪو به ڏوهه ناهي،  اسان 20،30 سالن کان سڌارا نه پيا آڻيون، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ويهي فيصلو ڪرڻو پوندو ته امير ماڻهن تي ٽيڪس ڪيئن لڳائڻو آهي، رڳو غريبن تي ٽيڪس ناهي هڻڻو، 200 يونٽ وارن صارفن لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهايو هو اها مڃي به وئي هئي، حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 300 يونٽ تائين گهريلو صارفن کي رليف ڏئي سگهي ٿي، انهن تي ٽيڪس گهٽائي سگهي ٿي، بجلي بلن جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان آڪڙ ۾ نه ڳالهايون ته اها مڃي ويندي، هن چيو ته اسان گردشي قرض وڌائيندا رهياسين، بجلي چوري نه روڪي،جنهن جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي، هن چيو ته جيڪي بجلي جا بل نٿا ادا ڪن انهن جو نتيجو به بل ڀريندڙ صارفن کي ڀوڳڻو پوي ٿو، حڪومت بجلي بلن تي سيلز ٽيڪس ختم ڪري سگهي ٿي پر جيڪو هدف آهي اهو ته حاصل ڪرڻو پوندو، پاڪستان م بجلي جا بل بي انتها وڌي ويا آهن، بجلي پيدا ڪندڙ ۽ تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ڪرڻي پوندي،ٽيرف وڌائڻ سڌارا ناهن، نجڪاري ڪرڻ سڌارا هوندا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.