اسلام آباد(م ڊ) سيڪريٽري توانائي 17 گريڊ کان مٿي جي آفيسرن لاءِ بجلي جي يونٽن جي سهولت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .اسلام آباد ۾ توانائي واري سيڪريٽري رشيد لنگڙيال بريفنگ دوران صحافين کي ٻڌايو ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي ڊيسڪز ۽ ٻين جي آفيسرن کي پاور يونٽن جي سهولت ختم ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته بجلي جي يونٽن کي ختم ڪرڻ بابت سمري جلد تيار ڪئي ويندي،هن وڌيڪ چيو ته بجلي چوري ٿي رهي آهي، بجلي جو نظام ڪيترن ئي خرابين جو شڪار آهي، ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.توانائي شعبي جي عملدارن موجب بجلي جو گردشي قرض 2 هزار 300 ارب رپيا آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ 250 ارب جي بجلي چوري ٿي رهي آهي.توانائي شعبي جي عملدارن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو وڏو سبب ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي.