ڪراچي(م ڊ) جي يو پي جي مرڪزي اڳواڻ شاهه اويس نوراني چيو آهي ته بجلي جي بلن جي حوالي سان مون هر ڪنهن سان ڳالهايو هڪ ئي ڳالهه، اسان کي رليف ناهي، اسان اشرافيه جي مراعات جو خاتمو چاهيون ٿا.بدعنوان ججن آفيسرن کي ڇو رعايت ڏني وڃي جڏهن هڪ هاڪر بل ادا ڪري سگهي ٿو؟جيڪڏهن مفت جي ماني بند نه ڪئي وئي ته تمام گهڻو افراتفري پيدا ٿيندي