اسلام آباد (اي پي پي) ملڪ۾ خدمتن جي شعبي جي روانگي واپار ۾ جولائيدوران سالياني بنيادتي 2 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي . پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولائي۾ خدمتن جي شعبي ۾ روانگي واپار جو 538 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولائي جي مقابلي ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي گذريل سال جولائي ۾ خدمتن جي شعبي جو روانگي واپار 526 ملين ڊالر هو، جون جي مقابلي ۾ جولائي ۾ خدمتن جي شعبي جو روانگي واپار مهيني جي بنياد تي 6 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ڪيو ويو هلندڙ سال جون ۾ خدمتن جي شعبي جو روانگي واپار 574 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولائي ۾ گهٽ ٿي ڪري 538 ملين ڊالر رهيو اهڙي طرح جولائي ۾ خدمتن جي شعبي جو آمدني واپار ۾ سالياني بنياد تي 45 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جولائي ۾ خدمتن جي شعبي ۾ آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 811 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولائي ۾ 558 ملين ڊالر هيو .
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جا غير قانوني قدم واپس وٺي: او آءِ سي
جده (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ڀارت تي زور ڀريو آهي ته هو ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل سمورا غير قانوني قدم واپس وٺي ۽ اتي انساني حقن جون منظم خلاف ورزيون روڪي. برطانوي اخبار موجب او آءِ سي جي فلسطين ۽ القدس معاملن بابت اسٽيٽ سيڪريٽري جنرل سمير بڪر سيڪريٽري جنرل حسيم ابراهيم طه طرفان جاري بيان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي پڙهي ٻڌايو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل صحت جي خرابي سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، جده ۾ او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ منعقد هڪ تقريب ۽ تصويري نمائش ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو.
ملڪ جي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر جاري
اسلام آباد (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 02 لک 52 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 58 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 41 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 41 هزار 100 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 2 لک 62 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 62 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 23 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 29 هزار 700 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 78 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار ڪيوسڪ آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ کان گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1548.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.734ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ کان گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1241.70ايڪڙ فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.332 ملين ايڪڙ فوٽ آهي