ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ بابت آئين واضح آهي، اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ۽ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس بعد پيپلزپارٽي اڳواڻ شير رحمان، اڳوڻي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه، نئير بخاري ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته هر آدمشماري کان پوءِ نيون تڪبنديون ڪرائڻ ضروري آهي، ان ڪري نگران حڪومت چيئرٽيڪر حڪومت بڻجڻ بدران نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي، وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو ته آدمشماري جي انگن اکرن موجب ڪنهن به صوبي ۾ سيٽون ناهن وڌيون ان ڪري نين تڪبندين جي ضرورت ئي ناهي، آئين موجب اليڪشن ڪميشن کي 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ گهرجن، پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري نئير بخاري چيو ته آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ تڪبندين جو ڪو به ذڪر ناهي، پپيلزپارٽي جو وفد اليڪشن ڪميشن سان ملاقات دوران آئين جي روشني ۾ مطالبو ڪندو ته 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرايون وڃن، ٻي صورت ۾ ايندڙ سي اي سي جي اجلاس ۾ حڪمت عملي جوڙي ويندي. پيپلزپارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته الڪيشن ڪميشن جيڪڏهن هڪڙي ڏينهن تي ڪي پي جي 21 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائي سگهي ٿي ته 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن، هن چيو ته سينيٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي ۾ ايندڙ مهيني کان ميمبرنشپ مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪيمٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر،اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، اعتزاز احسن، فرحت الله بابر، شيري رحمان، شازيه مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد قائم علي شاهه، مخدوم احمد محمود، نثار کهڙو، چنگيز خان جمالي، رضا رباني، خورشيد شاهه، قمر زمان ڪائره، مراد علي شاهه، تاج حيدر ۽ چوڌري ياسين سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ طئه ڪيو ويو ته نگران حڪومت زور ڀريو ويندو ته اها وقت تي چونڊون ڪرائي، ڇاڪاڻ ته نگران حڪومت جو ڪم ئي وقت تي چونڊون ڪرائڻ آهي . وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو مقصد آهي ته چونڊون وقت تي ٿين، وقت تي چونڊن لاءِ آدمشماري کي منظور ڪيو، آدمشماري سان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ تبديلي نه ايندي.