ڪراچي (رپورٽر) جي ڊبليو سي جي طرفان راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جي ڊبليو سي طرفان ذوالفقار خاصخيلي، شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جي ڊبليو سي جي احتجاجي مظاهري ۾ سياسي، سماجي، قومپرستن، وڪيلن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ وڪيل اڳواڻ محمد خان شيخ، فضا پتافي، ليکڪ اعجاز منگي به شرڪت ڪئي، قانوني ماهر شهاب اوستو، جاويد قاضي، الاهي بخش بڪڪ، محسن ٻٻر، انعام شيخ، اعجاز سامٽيو، مصطفيٰ چانڊيو، سورٺ ٿيٻو، صحافي غازي جهنڊير، مرتضيٰ سيال، سحر شاهه رضوي، صحافي تصوير سنديلو ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۾ دير تي خدشا پيدا ٿي رهيا آهن، انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙن کي ڌمڪيون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون، فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي.