اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ توشا خانا ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز جي غير حاضري سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ واري درخواست تي بڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪلين عدالت جي ڪمري ۾ احتجاج ڪيو ۽ شيم شيم جا نعرا به لڳايا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ بينچ توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز جو مددگار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته امجد پرويز بيماري سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. امجد پرويز جي مددگار وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ته گذريل 8 مهينن کان هنن دير ناهي گهري، ڊاڪٽر بيڊ ريسٽ جي تجويز ڪئي ۽ منهنجو وڪالت نامو هن ڪيس ۾ ناهي. ان تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته سزا معطل ڪرڻ جي درخواست هاڻي اهم موڙ تي آهي، پندرنهن کان ويهه منٽن ۾ دليل مڪمل ٿي وڃن ها، اسان ڪيس کي سومر تائين ملتوي ڪري سگهون ٿا پر نه ڪيو، اسان ٽرائل ڪورٽ وارو ڪم ڪري سگهون ٿا پر ائين نه ڪنداسين، ٽرائل ڪورٽ جيڪو ڪيو اِهو غلط ڪيو، اسان درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن ڪير نه به آيو ته فيصلو ڪري ڇڏينداسين. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل لطيف کوسي چيو ته هڪ شخص ويهه ڏينهن کان جيل ۾ آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڃا وڌيڪ ٽي ڏينهن جيل ۾ رکندئو؟، پوءِ اسان عدالت ۾ پيش نه ٿينداسين، اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو. عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي فوري طور سزا معطل ڪرڻ بابت درخواست رد ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻه رُڪني بئنچ جي وڃڻ کانپوءِ عمران خان جي وڪيلن عدالت جي ڪمري ۾ شيم شيم ۽ فڪسڊ ميچ جا نعرا به هنيا.