راڻيپور : گذريل ڏينهن پيرن جي اوطاق تي مريدن عقيدتمندن پاران خليفن مريدن پاران پوليس صحافين سوشل ايڪٽو مٿان نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ تي درگاھ غوثيه جي سجادہ نشين پير سيد سورج دستگير شاھ جيلاني پنھنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آھي ته ڪالھ منھنجي رھائش گاھ تي مريدن جي ميڙاڪي دوران ھڪ ٻن مريدن جذبات ۾ اچي ڪري ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پاڻمرادو پوليس ۽ صحافي ڀائرن خلاف ڳالھايو جنھن جي ڪري مون کي دلي صدمو پھتو آھي اسان مقتولڻ جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جاشريڪ آھيون ۽ جيڪو به ھن قتل ۾ ملوث ھجي ان کي ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي آخر ۾ مان صحافي ڀائرن سميت ھرھڪ دوست کي التجا ڪيان ٿو ته مھرباني ڪري سيدن يا گادي جي خلاف برو ڀلو نه ڳالھايو وڃي باقي اسان به قتل ٿي ويل نياڻي جي وارثن سان گڏ آھيون.