فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ راڻيپور ۾ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ ٻين نياڻين، شھيد جان محمد مھر ۽ ٻين صحافين ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف ٻئي ڏينھن به حيدرآباد پريس ڪلب/  اڳيان بک ھڙتال جاري رکي، قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڪئمپ تي پھتو، رات دير تائين ڪئمپ تي رھيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، رفيعه پليجو، نصرت خاصخيلي، فرحانه سولنگي، صبا سمون، زاھده شيخ، انساني حقن جي ڪميشن جي ڪوآرڊينيٽر غفرانا آرائين، ساجده ابڙو سميت سوين عورتون شريڪ ٿيون، جڏھن ته احتجاج دوران عرفان جسڪاڻي، ھالار خان ويسر، مشتاق اڄڻ ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پھتا، ايازلطيفپليجو جو چوڻ هو ته شھيد فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ پنھنجن مفادن لاءِ پيپلز پارٽي کي سنڌ تي مڙھيو آھي. نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي جھيڙي ۾ سنڌ کي ڪرپٽ پيٽي ٺيڪيدار پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو ويو آھي، جنھن جا نتيجا انتھائي خطرناڪ نڪري رھيا  آھن، حڪومت، پيرن ۽ سردارن سنڌ کي نياڻين ۽ ٻارن جي مقتل گاھ بنائي ڇڏيو آھي. عورتن ۽ اقليتن سان زيادتين خلاف حڪومت ۽ عدليه ڪردار ادا ڪري، معصوم فاطمه ۽ جان محمد مھر جي قتل ۾ بااثر شخصيتون شامل آھن، سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن ۽ ٻارن جي قتل خلاف بک ھڙتال اھم قدم آھي. پاڪستان جي مسئلن جو حل حقيقي، منصفاڻي ۽ جمھوري فيڊريشن ۾ آھي. حڪمرانن جي ايجنڊا مان عورتون، ھاري، اقليتون ۽ مزدور گم آھن. پاڪستان ۾ سموريون حڪومتون عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رھيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ وڏيرن ۽ جاھل مردن جي حاڪميت ۽ مظلوم عورت جي غلامي جاري آھي، خودمختيار وجود ۽ برابري جي زندگي نياڻين جو بنيادي حق آھي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ روزانو معصوم نياڻيون اغوا ڪري لڄالٽ بعد قتل ڪيون وڃن ٿيون، سنڌ ۾ انصاف بدران جرڳائي نظام مڙھيو ويو آھي، جنھن ڪري نياڻين جا قاتل، معصوم ٻارڙن جا قاتل، صحافين، نوجوانن ۽ پورھيتن جا قاتل آزاد گھمي رھيا آھن، شھيد فاطمه ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي ڦاسي ڏني وڃي، ايس جي ايس ٽي جي صدر رفيع پليجو چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت، ظلم ۽ بربريت آھي، ھتي روزانو انصاف جو قتل ٿئي ٿو، حڪمران سنڌ جا وسيلا نيلام ڪري رھيا آھن، معصوم نياڻين کي وحشت جو نشانو بڻائي قتل ڪيو پيو وڃي، نصرت خاصخيلي چيو ته معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ آھي، سفاڪ قتل جي ڪري انسانيت جو ڪنڌ جھڪيل آھي، نصرت خاصخيلي چيو ته سنڌ ۾ ڪو به ماڻھو محفوظ ناھي، صرف حڪمران ۽ انھن جا خاندان محفوظ آھن، حڪمرانن سنڌ کي سانحن جي سرزمين بڻائي ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.