حيدرآباد ۾ سماجي تنظيم پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سماجي تنظيم شرڪت گاهه ايريا نيٽ ورڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي ميزباني سيف هائوس وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کي سونپي وئي.

ميٽنگ جو مقصد حڪومت سان لاڳاپيل عوامي مسئلن ۽ سي بي اوز جي مسئلن تي بحث  ۽ حل ڳولڻ هو.

گڏجاڻي ۾ ڊبليو ڊي پي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق ڪلهوڙو، ايس ڊبليو او جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر محبوب زمان، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالجبار، سيف هائوس جي انچارج ريشمه ٿيٻو سميت ٻين سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن سرڪاري آفيسر آڏو سندن کاتن سان لاڳاپيل مسئلا اٿاريا ۽ سوال ڪيا، جن جو سرڪاري آفيسرن جواب ۽ حل به ڌايو، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته شرڪت گاهه عوام ۽ سرڪاري نمائندن کي هڪ هنڌ ويهاري مسئلن تي ڳالهائڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو آهي،

آپا نظير ناز چيو ته قاسم آباد کي ڊرينيج لائين وڇائڻ جي آڙ ۾ کنڊ بڻايو ويو آهي، حيدر آباد جي دل قاسم آباد کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي، گڏجاڻي ۾ چارٽر آف ڊمانڊ به پيش ڪيو ويو، جنهن تي سرڪاري آفيسرن مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.