مان صدقو ٿي وڃان، صفا ٺَران ٿي، لفٽ ئي ناهي، لفٽ… ڪشف سنڌي جون وڊيوز وائرل

سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻولي ۽ لهجي جي وضاحت ڪندي وڊيوز ٺاهيندڙ ڪشف نالي ڇوڪري نه رڳو لکين سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن پر سنڌي ماڻهن جي مزاج، محبتاڻي رويي، خلوص، انداز ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مٺاس بابت پڻ دنيا کي بهترين پيغام ڏنو آهي.

ڪشف نالي ناري جي ماءُ ڪشميري جڏهن ته پيءُ سنڌي آهي، اهو ئي سبب آهي ته ڪشف ڪشميري ٻولي ۽ ثقافت سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت بابت به چڱي ريت واقف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.