پيرن جي حمايت ۾ ڌاڙيل به سامهون اچي ويا، ڌمڪيون

راڻيپور: فاطمه ڪيس جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي ڪچي جي جتوئي برادري جي خطرناڪ ڌاڙيلن ڌمڪين جو وڊيو سوشل ميڊيا تي  وائرل ڪري ڇڏيون آھن. جنھن ۾ ھو صحافين ۽ پوليس کي به ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. جنھن ۾ ھنن جو چوڻ آھي ته ڪنهن به اسان جي مرشدن سان ناجائزي ڪئي ته ان جو خير نه هوندو ٻي مذهبي جماعت جي سازش آهي دستگير جي گادي کي نشانو بڻايو وڃي اسان ستن پيڙهين کان مريد آهيون.  ڪڏهن به اهڙو واقعو راڻيپور جي پيرن ناهي ڪيو. انھن کي بيگناھ ڦاسايو ويو آھي. ڌاڙيل بنا خوف جي پيرن جي حمايت ڪندي جديد هٿيار کڻي ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي. راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه سان زيادتي ۽ قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ۽ نامزد پيرن جي حمايت ۾ ڌاڙيل به ميدان ۾ اچي وياڌاڙيل دل خان جتوئي پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ويو آهي ته فاطمه قتل ڪيس ۾ فياض شاهه گرفتار ٿيو ته پوءِ سکر جي روڊن تي اسان نه پر اسان جا راڪيٽ لانچر ڳالهائيندا، جيڪو به نقصان ٿيندو ان جو ذميوار ايس ايس پي خيرپور هوندو،سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيل جو چوڻ آهي ته راڻيپور جي پيرن ڪڏهن به ڪنهن سان ناجائزي ناهي ڪئي، ٻارڙي فاطمه پنهنجي موت پاڻ مئي آهي پيرن تي سندس موت جو ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي،ھن چيو ته جيڪڏھن ايس ايس پي خيرپور يا فاطمه جا وارث ناجائزي ڪندا ته ان جو ذميوار ايس ايس پي هوندو، اسد شاهه يا فياض شاهه کي ڪجهه به ٿيو ته اسان خاموش نه ويهنداسين هر شئي ٿرٿلي هوندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.