فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ رخنو وجهڻ ۽ ڪٺ ڪوٺائيندڙ 40 ڄڻن مٿان ڪيس داخل

راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ رخنو وجهڻ پيرن جي اوطاق تي ڪٺ ڪرڻ تي راڻيپور ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ٽن سڃاتل جوابدارن سميت چاليهه ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنھن بعد ڪابه گرفتاري ٿي نه سگهي، فاطمه  فرڙو قتل ڪيس ۾ رخنو وجهڻ لاءِ پيرن جي اوطاق تي ڪٺ ڪرڻ تي راڻيپور ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾   ٽن سڃاتل جنهن ۾ علي حسن ملاح، مريد سولنگي، اڪرم بهڻ سميت چاليهه اڻ سڃاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ايس آءِ پي سيد اصغر شاھ جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو،  جنھن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته فاطمه قتل ڪيس ۾ جوابدار حنا شاهه جي ضمانت تاريخ پوري ٿيڻ تي اسان کي جاسوسي طور اطلاع مليو ته ڪجهه شر پسند ماڻهن هڪ اوطاق ۾ گڏ ٿي ڪري پوليس کي ۽ سوشل ميڊيا وارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن اسان اتي پهچي انهن ۾ علي حسن ملاح، مريد سولنگي، اڪرم بيهڻ جيڪي ماڻهن کي پوليس ۽ سوشل ميڊيا تي صحافين کي اڪسائي رهيا ھئا. اسان انهن کي روڪيو ته توھان غلط ڪري رهيا آيو اسان جي چوڻ تي ماڻهو منتشر ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.