ڏوهاري جيل ويندا آهن پر ڪجهه ناهي ٿيندو: ماهره خان

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره ماهره خان جو چوڻ آهي ته ڏوهاري جيل ويندا آهن پر ڪجهه ناهي  ٿيندو، ماهره خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪو واقعو ٿيندو آهي ته ڏوهاري جيل ۾ هليا ويندا آهن، اسان خاموش ٿي ويندا آهيون ۽ ڪجهه ناهي ٿيندو،جڏهن هڪ ڇوڪري سان زيادتي ٿي، بدترين تشدد ٿيو، سندس ڏند ڀڳا ويا، ته ان تي هڪ ڀيرو ڳالهائڻ بعد خاموشي ڇو ٿي ويندي آهي،

صدر پاران ٻارن تي تشدد جا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي  اغوا ۽ ٻارن تي تشدد جي واقعن جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻارن جي گم ٿيڻ جي واقعن جي تدارڪ جي لاءِ معاشري جي هر سطح تائين آگاهي پهچائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ تي عملدرآمد جي حوالي سان بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ٻارن جي گمشدگي، اغوا جي تدارڪ جي لاءِ اسلام آباد جي سطح تي زارا ايجنسي جو قيام خوش آئنده آهي، زارا ايجنسي جي قيام سان گم ٿيل ٻارن جي وقت سر ڳولا ۽ معلومات جي ڏي وٺ ۾ مدد ملندي.

صدين کان قائم درگاهن جون ديوارون لڏي ويون آهن: سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) انڊس ويوز نالي سوشل ميڊيا هينڊلر تي لکيو ويو ته صدين کان قائم ٿيل گادين جون ڀتيون لڏي ويون آهن،  اسد شاه ءِ حنا بيبي کي اِها توقع ئي نه هئي ته هو جيڪو ظلم ڪري رهيا آهن ان تي سنڌ جو باشعور عوام انساني حقن جا ادارا سوشل ءِ پرنٽ ميڊيا ايترو سگهارو آواز ٿي حق سچ لاءِ جنگ وڙهندا،افروز ڪٽپر لکيو ته هالاڻي جي پير سيد ابرار شاه جو ٻيهر وڃڻ مطلب شھيد جي وارثن سان ٺاه جي ڪوشش ڏسون هي به ناظم جوکيو جي خاندان وانگر پئسي تي هٿ کڻي ٿا وڃن يا ميڊيا ۽ سنڌ جي عوام جي ساٿ سان گڏ ٿا بيهن،ظهور جوڻيجو لکيو ته شھيد ادڙي فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي پوليس پروٽيڪشن ۾ رکيو وڃي انھن جي جانين کي خطرو آ. هڪ مريد عوام کي ڀڙڪائي پيو ۽ مشتعل ھجوم ڪجھ به ڪري سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.