فاطمه جي خون سان انصاف ڪيو، ڪوٽڙي ۾ تارازيون کڻي احتجاج

ڪوٽڙي (رپورٽ:جبار ڪابورو ) راڻيپور ۾ قتل ٿيل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ جوابدارن کي ڦاھي ڏيڻ لاءِ  ڄامشورو سجاگ فورم طرفان ھٿن ۾ انصاف جون تارازيون کڻي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو سجاڳ فورم جي نياڻين پاران راڻيپور ۾ بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نياڻي فاطما جي جي انصاف لاءِ ھٿن ۾ انصاف جون تارازيون کڻي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ۽ اسد شاھ جي پتلي کي فاسي ڏني وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن فاطم، جي قاتلن کي ڦاھي ڏيو جھڙي زوردار نعاري بازي ڪئي ان موقعي تي ڄامشورو سجاڳ فورم جي اڳواڻن اقبال ڪوريجو، جاني گھرياڻي ۽ ٻين چيو  ته معصوم  فاطمه ڦرڙو جي بيرحماڻي قتل انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي اهڙي انساني تذليل تي ڪنڌ سرم وچان جهڪيل آهن پيرن جي حويلي فيض ڏيڻ بدران لاش  ڏئي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي  ته معصوم فاطمه ڦرڙو جي ناحق قتل ۾ ملوث قاتلن کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.