دادو(رپورٽ غوث جھتيال ) ليگل رائيٽس فورم جي سي اي او فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ايف آءِ آر تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا سماجي تنظيم ليگل رائيٽس فورم جي چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ طاهر اقبال پراجيڪٽ مئنيجر سجاد علي لولائي، سي آر سي ڪوآرڊينيٽر نياز چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ داخل ايف آء آر ۾ جنسي ڏاڍائي ۽ چائلڊ ليبر جا قلم نه لڳايا ويا آهن، جاچ آفيسر کي گهرجي ته قتل جي قلمن سان گڏ جنسي زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جا قلم به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري، هنن چيو ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب نينگري سان جنسي زيادتي ٿي آهي تشدد پڻ ٿيل آهي، هنن چيو ته معصوم ٻارڙي فاطمه جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسون ٿا ته دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي سنڌ ۾ ٻارن جي تحفظ ۽ چائلڊ ليبر بابت قانون ته ٺهيل آهن پر انهن تي عمل درآمد نه پيو ٿئي ،اڳواڻن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گھرن ۾ مزدوري ڪندڙ ٻارڙن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي، قانون موجب ٻارن کان جبري پورهيو وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي،