گهوٽڪي(ڊر) 27 آگسٽ تي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ معصوم فاطما جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ ٻٻرلوءِ بائي پاس تي اعلانيل ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو، حمز علي چانڊيو،جسقم اڳواڻ نصرالله ڪلادي،انسان نيٽ ورڪ جي چيئرپرسن ميڊم زبيده بلوچ گهوٽڪي ضلع جي ننڍن وڏن شهرن اوٻاوڙو، ڏھرڪي، ميرپورماٿيلو ۽ گهوٽڪي جا دورا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، قومي ڪارڪنن کي شرڪت جي دعوتون ڏنيون، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ مٿان ڌاڙيل دهشتگرد ۽ پيراڻي گاديءَ طرفان قهر ڪڙڪيو آهي،سنڌي ماڻهن کي منظم ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي ،ان موقعي تي حضرت الله مزاري، خالق مزاري ، مير حمزه دايو، اصف فاروقي، جساف اڳواڻ شهريار مرڻاس، جسقم اڳواڻ يوسف بوزدار، محب، آزاد ميربحر، اظهر علي سومرو ۽ ٻيا موجود هئا.