راڻيپور : فاطمه ڪيس ۾ شهيد فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم خاتون پنھنجو بيان ڏئي چيو آھي ته اسد شاھ جي سهري ۽ حنا شاھ جي پيءُ فياض شاھ کي به ان ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ھن پنهنجي وڌيڪ بيان ۾ چيو ته مان پنهنجي ڌيءَ فاطمه عرف سايا کي بطور خادمان پير فياض حسين شاھ ولد پير غلام محي الدين شاھ عرف ميران سائين وٽ ڇڏيو هو. جو فياض شاھ منهنجي ڌيءَ کي فاطمه عرف سايا کي پنهنجي ڌيءَ حنا شاھ عرف سونيا شاھ حوالي ڪيو هو. جنھن منهنجي ڌيءَ فاطمه عرف سايا کي تشدد ڪري ماريو آهي. جنهن ۾ فياض شاھ به ملوث آهي. جيڪو هاڻي اسان کي ڌمڪيون به ڏئي ٿو. جنھن کي پڻ گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.