پوليس تي دٻاءُ آهي،فاطمه ڪيس جا سمورا جوابدار گرفتار ٿيندا: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان نئين آءِ جي سنڌ رفعت مختار ملاقات ڪئي، ملاقات کانپوءِ آءِ جي  سنڌ رفعت مختار ميڊيا سان غير رسمي طور تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اهڙيون ملاقاتون ٿينديون، امن ۽ امان منهنجي پهرين ترجيج آهي اسان عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم وڏو چئلينج آهي ان کي حل ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين جي بدلي حوالي سان جيڪو اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ چيو ته راڻيپور واقعي جي جوابدارن کي گرفتارڪيو ويندو، پوليس تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، ان جي باوجود عوام جي اميدن تي پورو لينداسين، آءِ جي سنڌ صوبي جي سينئر ۽ جونيئر آفيسرن بابت سوالن جي جواب ۾ چيو ته هي پوليس جا رولز آهن هن جي موجب هلائي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.