پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ نياڻيون وحشين حوالي ٿين پيون: صنعان قريشي

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مٽياري پھچي پارٽي اڳواڻ سجيل احمد سالاريو جي  رھائش گاھ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ميڊيا سان ڳالھائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو چوڻ ھو  ته سنڌ ھن وقت مشڪل صورتحال مان گذري پئي، سنڌ تي دشمن بگھڙن واري نظر وجھون ويٺا آھن، ڪڏھن ذوالفقار آباد ته ڪڏھن بحريا ٽائون ته ڪڏھن ڪارونجھر جي نيلامي جھڙا سنڌ دشمن منصوبا مڙهي سنڌين کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪري رھيا آھن، اھڙي صورتحال ۾ سنڌين کي سنڌ جي حفاظت لاءِ نڪرڻو پوندو، امير سنڌ جا ماروئڙا پنھنجن ٻچن جي پيٽ جي باھ اجھائڻ لاءِ پنھنجون معصوم نياڻيون وحشين جي بنگلن ۽ حويلين حوالي ڪريو ڇڏين جنھن سبب سنڌ ۾ روز روز فاطمه جھڙا واقعا جنم وٺي رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.