راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور ۾ الرحمان سي اين جي ڀرسان قومي شاهراهه تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 30 سالن جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، الرحمان سي اين جي ڀرسان فروٽ جو گاڏو هلائيندڙ مزدور غلام مصطفيٰ ولد محمد يوسف مگسي کي ٻه اڻڄاتل هٿياربند گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته نوجوان ڪجهه عرصو پهريان مسمات آمنه سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، ٻه مهينا اڳ شهدادڪوٽ کان لڏي راڻيپور ۾ رهندڙ هو جنهن سبب گهر واري جا ڀائر ڪاوڙيل هئا، اڄ انهن پورهيت کي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، مقتول جو لاش راڻيپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .