سکر(رپورٽر) سکر جي سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدارن کي وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر جوابدارن بخشل عرف بخشو، بابر مهر ۽ منور مهر کي ٻيهر رمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت سکر ۾ پيش ڪيو. اي ٽي سي ڪورٽ ون جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ ملزمن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت ملزمن کي وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. صحافي جي وارثن چيو ته قتل ڪيس جا سمورا ملزم گرفتار نه ٿي سگهيا.