برڪس جو سعودي، ايران سميت 6 ملڪن کي رڪنيت ڏيڻ جو فيصلو

جوهانسبرگ (اي پي پي) برڪس جي اڳواڻن جو وڌيڪ ڇهن ملڪ کي بلاڪ ۾ شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. چيني خابرو اداري مطابق ڏکڻ آفريقا جي صدر  سيرل راما فوسا پندرهين برڪس سربراهي اجلاس دوران پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ارجنٽائن، مصر، ايٿوپيا، ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي رڪنيت پهرين جنوري 2024ع کان لاڳو هوندي. هن چيو ته اسان برڪس جي شراڪتداري جي تعمير ۾ ٻين ملڪن جي مفادن جو قدر ڪيون ٿا،چين چيو ته برڪس ملڪن کي مقامي ڪرنسين ۾ معاهدا ڪرڻ گهرجن

وڪيل قتل ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ وڪيل قتل ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين پي ٽي آءِ گرفتار نه  ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيس ۾ اهم سوال آهن، شڪايت ڪندڙ جي غير موجودگي ۾ ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهون. ٻڌڻي دوران لطيف کوسا عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي، جنهن تي سپريم ڪورٽ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي عدالتي موڪلن کانپوءِ ملتوي ڪئي وڃي. بعد ۾ عدالت وڪيل امان الله ڪنراني جي پٽ جي صحت جي خرابي سبب پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.