ٺٽو/سونڊا (رپورٽ: منصور جلالاڻي/ارشاد گندرو) جهرڪ ويجھو ٺٽو، حيدرآباد قومي شاھراھ تي بسم الله چوڪ وٽ تيز رفتار مسافر وين ۽ سامهون ايندڙ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، حيدرآباد کان ٺٽي ايندڙ مسافر وين ۾ سوار 2 عورتن ۽ هڪ نينگري سميت 7 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا، 15 مسافر زخمي ٿي پيا، بروقت ايمبولينس سروس ۽ ريسڪيو ٽيمون نه پهچڻ ڪري زخمي واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا، جن کي مقامي ماڻھن پاران ريسڪيو جو عمل جاري ڪري کين مختلف اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو، مسافر وين جي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن ۾ 25 ورهين جو شھدادڪوٽ واسي نادر علي بروهي، 33 ورهين جو ڪوٽڙي واسي وين ڊرائيور غلام حسين ميمڻ، 56 ورهين جو سونڊا واسي مختيار علي، 17ورهين جو لوڌران واسي محمد عليز، 55 ورهين جو حيدرآباد واسي ذوالفقار علي راڄپر جيڪو نيشنل بئنڪ مڪلي ۾ آپريشنل مئنيجر، حاجران ڌيءُ سلمان راھوجو ۽ بيا شامل آھن، جڏھن ته زخمين ۾ نورجهان زال مختيار ڊيرا غازي خان، قومي عوامي تحريڪ جي سرگرم عورت اڳواڻ ايڊوڪيٽ راحيلا ڌيءُ ڪامريڊ ربڏنو ڀٽو، غلام مصطفيٰ ولد محمد حسين جوڻيجو سجاول، عزيزه ڌيءَ محمد ابراهيم حيدرآباد، صابر علي غلام مصطفيٰ لودران پنجاب، عبدالستار ولد محمد موسيٰ کوسو نوشهروفيروز، شعبان علي ولد غلام علي دادو، قربان علي ولد اقبال صادق آباد، سڪندر ولد محمد مٺل ملاح خيرپور، ڪريم بخش ولد صدرالدين خواجا تڙ خواجا حيدرآباد ۽ ٻيا شامل آھن، نگران وڏي وزير ٺٽي ويجهو روڊ حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميه کي زخمين کي فوري اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ علاج جون سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي، ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم ڪمشنر حيدرآباد کان وين حادثي جي رپورٽ طلب ڪندي ڊي سي ٺٽو کي حادثي ۾ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد فراھم جو ھدايتون جاري ڪيون آھن، حادثي تي پ پ پ جي سينيٽر سسئي پليجو پاران حادثي ۾ مسافرن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.