صدر سيڪريٽري کي قربان ڪيو پر قصو ختم نه ٿيو

ملڪ ۾ ٿيندڙ واقعا ۽ محلاتي سازشون ان ڳالھه جا اشارا ڏين ٿا تھ  واڳ ڌڻين سميت رياست جا ٿنڀ ٿوڻيون بڻيل ادارا اصل حالتن جي نزاڪت ۽ نفاست جو ادارڪ ئي نٿا رکن. جيتوڻيڪ صدر سيڪريٽري کي قربان ڪيو آھي پر معاملو سلجھيو نھ آھي.

ملڪ جي اعليٰ ترين صدر جي عھدي تي فائز ڊاڪٽر عارف علوي پاران ٻن اھم بلن بابت ڪيل ٽوئيٽ کانپوءِ ان سان پيدا ٿيندڙ معاملي جيڪو ملڪي ۽ عالمي سطح تي اثر ٿيو آھي، ان جي ڪنھن کي بھ ڪا پرواھ نھ آھي.مٿان وري خود صدر ان سڄي معاملي کي وڌيڪ مجھائيندي صدر آفيس جي ھڪڙي عھديدار کي قربان ڪري معاملي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

حڪومت پاران وضاحت ھي آھي تھ  آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ آفيشل سيڪريٽس ترميمي بل 11 آگسٽ ۽ 17 آگسٽ تي لاڳو ٿي ويا آھن. صدر عارف علوي بلن تي دستخط نه ڪيا، پر اهي بل ڪنهن اعتراض سان واپس نه موڪليا ويا، تنهن ڪري ڏهن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اهي ٻئي بل صدر جي دستخط کانسواءِ قانون بڻجي ويا. ھاڻي صدر جي ڪيل ٽوئيٽ سان پيدا ٿيل صورتحال تي صدر پاڻ  اڃا تائين اهو نه ٻڌائي سگهيو ته اهي بل آئين جي آرٽيڪل 75 تحت اعتراض سان واپس ڇو نه ڪيا ويا.

پر پنھنجي ڪيل ٽوئٽ جي پس منظر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ پنهنجي ئي سيڪريٽري وقار احمد کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ايوانِ صدر طرفان وزيرِاعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڏانهن خط لکيو ويو آهي. ايوانِ صدر وزيرِ اعظم جي پرنسپل ڏانهن لکيل خط ۾ چيو آهي ته صدر جي سيڪريٽري وقار احمد جي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت ناهي. خط ۾ وقار احمد جي جاءِ تي 22 هين گريڊ جي آفيسر حميرا احمد کي صدر جي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ايوان صدر موجب،صدر جي  جاري ڪيل بيان کي نظر ۾رکندي ايوانِ صدر سيڪريٽري جون خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي واپس ڪيون آهن.

صدر عارف علوي پاران خدمتون واپس وٺڻ تي سيڪريٽري چيو آهي ته فائل صدارتي چيمبر ۾ آهن، رڪارڊ پيش ڪري بيگناهي ثابت ڪندس. صدر عارف علوي جي سيڪريٽري وقار احمد صدر  کي خط لکيو آهي.ته صدر منهنجيون خدمتون واپس ڪيون آھن پر حقيقتون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، تاثر ڏنو ويو ته ڄاڻايل بلن ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جو ذميوار سيڪريٽري آهي.  وقار احمد موجب پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ پيش ٿيو هو، بل 3 آگسٽ تي صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو، حقيقت اها آهي ته فائل صدارتي چيمبر ۾ آهن.  وقار احمد جو چوڻ آهي ته صدر پاران سيڪريٽري جون خدمتون واپس وٺڻ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناهي، صدر آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري نه ڏني ۽ نه ئي لکت ۾ واپس پارليامينٽ کي موڪليو.  ڄاڻايل فائل 21 آگسٽ تائين سيڪريٽري جي آفيس ۾ واپس نه ڪيو ويو. وقار احمد صدر کي درخواست ڪئي آهي ته ايف آءِ اي يا ڪنهن اداري کان جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن غفلت ڪئي آهي ته ان کي ذميوار قرار ڏنو وڃي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ گهرايو ته رڪارڊ سيمت پيش ٿيندس.پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته صدر عارف علوي جي ڪيل ٽوئيٽ نامناسب آهي، صدر رياست جو سربراهه آهي، هن وٽ آئيني طريقو آهي. بل واپس موڪلڻ جو بھ ھڪ طريقو آھي.ھن چيو تھ اهو قانون جي سوال کان وڌيڪ حقيقت جو سوال آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 50 تحت پارليامينٽ جو حصو آهي.ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن جو چوڻ ھو تھ  صدر کي سينيٽ جي ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ گهرجي، ان واقعي سان لاڳاپيل آفيسرن کي اتي پيش ٿيڻ گهرجي، اها ڪميٽي جاچ ڪري ته اصل حقيقتون ڇا آهن،

ھاڻي حقيقت ڇا آھي، اھا تھ جدا رھي پر صدر جي اھڙي بيان سان سڄي دنيا ۾ ملڪ جي ساک متاثر ٿي آھي.ان عھدي تي فائز شخصيت جي غير ذميواري واري عمل سان فائدو نھ پر نقصان ٿيو آھي،ان ڪري معاملي جي گھرج تھ اھا آھي تھ صدر اھڙي مونجھاري جي ھن وقت واحد فورم سينيٽ ۾ پيش ٿي ڪري اصل حقيقت کي سامھون آڻي نھ تھ اھو سوال ملڪي تاريخ ۾ گونجندو رھندو تھ پاڪستان جو صدر پڻ بي وس آھي.ان جي جاءِ تي وري صدر جي سيڪريٽري کي قربان ڪري ڳالھھ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. پر ڳالھھ اتي ڪنھن بھ ريت ختم نٿي ٿئي.

 

  • سنڌ ڪابينا جو امن امان بابت قدم کڻڻ جو فيصلو

سنڌ ڪابينا پاران امن امان قائم ڪرڻ بابت سخت قدم کڻڻ جو فيصلو  ڪيو آھي.اسان اھڙي فيصلي جي مڪمل آجيان ڪريون ٿا.حقيقت آھي تھ ھڪ  سنڌ جي شھرن توڻي ٻھراڙي ۾ بدامني راوجي زندگيءَ کي مفلوج ڪري  ڇڏي آھي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رسمي ڪارروائي ڪن ٿا پر  ڪو بھ نتيجو نٿو نڪري. سنڌ ۾ بدامني جي باھ ٻري پئي آھي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ نگران ڪابينا جو تعارفي اجلاس ٿيو.جنھن ۾ ڪراچي ۾ امن امان کي ڪٽرول ڪرڻ سميت ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.نگران وڏي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس جو  مقصد گڊ گورننس، عوام جي خدمت ۽ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ڪم ۾ سهڪار ڪرڻ بابت ايجنڊا جوڙڻ آھي. ھن چيو تھ ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ غربت وڌي وئي آھي، غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

وڏي وزير موجب  صوبي ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي ڇوته مختلف عقيدن جا ماڻهو رهن ٿا.  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو زور وڌي ويو آهي تنهنڪري ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزير کي پوليس ۽ ٻين ادارن سان مشورو ڪري پلان تيار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي.وڏي وزير لاڳاپيل وزيرن کي هدايت ڪئي ته اهي لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڏين اتي عملو فعال ٿئي ۽ عوام کي سھولتون مھيا ڪري. اميد ڪجي ٿي تھ ڪابينا جي فيصلن تي عمل ٿيندو ۽ عوام کي سھولتون مھيا ٿينديون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.