احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ هڪ عورت ريڙهي واري کان 2 گول گپا گهٽ ملڻ تي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي ، جنهن سبب ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جام ٿي ويئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اِهو انوکو واقعو شهر ودودرا ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت کي 20 رپين ۾ 6 بدران 4 گول گپا ملڻ تي پٽڪو شروع ڪري ڏنو، عورت جي روئڻ ۽ روڊ تي ويهڻ سبب ڪيئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت روڊ تي ويٺي آهي ۽ سڏڪا ڀري روئي رهي آهي ۽ چئي ته ” ريڙڪي وارو هر دفعي ائين ڪري ٿو، اڄ به مونکي 6 جي بدران 4 گول گپا ڏنا اٿائين.“
ان دوران روڊ تان گذرندڙ ماڻهو ۽ موٽر سائيڪل سوار ان منظر کي موبائل ۾ قيد ڪرڻ لڳا، ٿوري ئي دير ۾ هڪ وڏو هجوم گڏ ٿي ويو.
ٽريفڪ جام ٿيڻ تي پوليس کي طلب ڪيو ويو، جتي عورت پوليس کان مطالبو ڪيو ته ريڙهي وارو کيس وڌيڪ 2 گول گپا ڏئي.
بهرحال پوليس عورت کي روڊ تان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ڪلاڪن کان معطل ٽريفڪ بحال ڪئي وئي، پر اهو واضح نه ٿي سگهيو ته عورت جو ٻن گول گپن وارو مطالبو پورو ٿيو يا نه.
”ٻه گول گپا گهٽ ڇو ڏنئي؟ “ عورت ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو، روڊ بند ڪري ويهي رهي، ٽريفڪ معطل
You might also like