ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) شهمير ڀٽو کي عهدو تان هٽايو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ حڪومت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهمير ڀٽو جي جاءِ تي مزمل هاليپوٽو کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ پنج ماڙ عمارت ڪِري پٽ پئجي وئي هئي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.
حڪومت سرڪار انهي واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ 7 جولاءِ تي ان وقت جي ڊي جي ايس بي سي اي محمد اسحاق کهڙو کي معطل ڪري، سندس جاءِ تي 20 هين گريڊ جي آفيسر شهمير خان کي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو هو.
You might also like