ڪي ماڻهو تاريخ ٿين هن گهاريل ڌرتي جي سيني جي،
ڪا اهڙي گهري چيک ٿين ٿا جا قومن کي جاڳائي ٿي،
23 آگسٽ هڪ انتهائي دردناڪ ڏکائيندڙ ڏينهن آهي جڏهن هڪ وطن دوست انقلابي ڪردار سنڌو دريا جي وارثي ڪندي ساهه ڏئي عوامي جدوجهد کي ويساهه ڏئي ويو جنهن کي اينٽي ڪالاباغ ڊيم جو پهريون شهيد قرار ڏنو ويو.
باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو پٽ ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ڪامريڊ مظهر جتوئي جي وفات جو ڏينهن آهي. باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي وفات کانپوءِ سندس خاندان مان ڪو به سندس سياسي جدوجهد جي راهه جو راهي نه هو سندس پٽ مختلف سرڪاري عهدن تي رهيا.
1995ع ۾ جڏهن شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي تازو نيشنل بئنڪ مان رٽائرڊ ٿيو هو هن پنهنجي زندگي جا پويان ڏينهن پنهنجي گهر وارن ۽ فيملي سان گڏ گذارڻ پئي چاهيا پر شايد ايئن لکيل نه هو ۽ مظهر جتوئي کان وڏو ڪم وٺڻو هو جنهن لاءِ هن سوچيو به نه هو. سنڌ هاري ڪاميٽي جيڪا سندس والد باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ڪيل سياسي پورهئي جي هڪ شاندار تاريخ آهي اها مختلف ڪامريڊن وٽ هئي جنهن پنهنجي طريقي سان پئي تجربا ڪيا پر سنڌ هاري ڪاميٽي رڳو چند ڪامريڊ ساٿين تائين هئي. سنڌ جي تحريڪ ۾ ڪو ايڏو وڏو عمل نه پئي ڪري سگهي
سو 1995 ۾جڏهن سمورن سنڌ هاري ڪاميٽي سان لاڳاپيل ڪامريڊ ساٿين جڏهن گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي هاڻي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي پٽ کي ڏيڻي آهي ۽ شهيد مظهر جتوئي کي صدر چونڊيو ويو ته سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ هڪ دفعو وري جان اچڻ شروع ٿي. مظهر جتوئي تازو بئنڪ مان رٽائر ٿيل هو هن کي ان وقت تازا پئسا مليل هئا هي نڪري پيو سنڌ ۾ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي والد باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو پيغام کڻي سنڌ هن ايڏيون محبتون ڏنيون جو هن جي اندازي کان وڌيڪ هئي سنڌ ماڻهن جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ڪامريڊ مظهر جتوئي سنڌ هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ سنڌ جا دورا ڪيا، تنظيم سازي ڪئي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ لاءِ آئين ۽ منشور ٻيهر ڇپرايو ويو. نون پراڻن ڪامريڊ ساٿين کي پاڻ جڙي سنڌ جي پورهيتن جي هڪ مضبوط ڌر ٿي اڀريا سنڌ هاري ڪاميٽي کي سنڌ اندر ان ڪري به موٽ ايترو جلدي ملي جو باباءِ سڌ حيدر بخش جتوئي تمام وڏو ڪم ڪري ويو هو ۽ سنڌ کي وڏيون ڪاميابيون مليون هيون جيڪي سنڌ جي ماڻهن کي ياد هيون.
اهو ئي سبب هو جو ٿوري عرصي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ ڪامريڊ مظهر جتوئي سان پورهيت جڙندا ويا ۽ هڪ انقلابي قافلو ٺهندو ويو ڪامريڊ مظهر جتوئي اينٽي ڪالاباغ ڊيم موومنٽ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان هڪ شاندار ڪردار ادا ڪيو سنڌ هاري ڪاميٽي کي سرگرم رکيو ۽ آخرڪار 23آگسٽ تي اينٽي ڪالاباغ ڊيم جدوجهد دوران ئي شهادت جو جام پي سنڌ کي ويساهه ڏئي ويو. سنڌ ڌرتي هميشه اهڙين صالح پٽن تي فخر ڪندي رهندي شهيد ڪامريڊ مظهرجتوئي سنڌ جي هڪ بيباڪ ڪردار هو سنڌ کي هميشه فخر رهندي.
اڄ به ضرورت آهي ته سنڌ هاري ڪاميٽي کي ان ئي طريقي سان ٻيهر تنظيم سازي ڪري سمورن ساٿين کي جوڙي ڀرپور عوام مزاحمت ڪجي. سنڌ کي هاڻي وڏيرن پيرن ميرن مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي۔.