پاڻمرادو زندگيءَ گھاريندڙ ٿائلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم ٿاڪسن شناواترا کي وطن ورڻ تي ھوائي اڏي تان گرفتار ڪيو ويو آھي. هو 15 سالن کانپوءِ اڱاري تي بئنڪاڪ پھتو ھو، سپريم ڪورٽ 74 سالن جي اڳواڻ کي ڪيترن ئي ڏوهن ۾ 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو آھي.ٿاڪسن جيئن ئي ايئرپورٽ تي پهتو ته پوليس کيس سوگھو ڪري سپريم ڪورٽ وٺي وئي جتي عدالت ھن خلاف فيصلو ڏنو ۽ بعد ۾ کيس بئنڪاڪ جي جيل منتقل ڪيو ويو.ٿاءِ لينڊ جي سپريم ڪورٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ٿاڪسن شناواترا کي وطن واپسي کانپوءِ 8 سالن لاءِ جيل موڪليو ويو آھي. بيان موجب 74 سالن جي اڳواڻ جي غير حاضري ۾ ڪيس ھلايا ويا ۽ ٽن ڪيسن ۾ ھن کي سزا ڏني وئي آھي.
پندرهن سالن جي جلاوطني بعد اڳوڻو وزيراعظم وطن وريو ھو.جڏهن تھ ملڪ جي پارليامينٽ نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪري رهي آهي.ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ تي کيس فوري طور گرفتار ڪري سپريم ڪورٽ آندو ويو، جتي عدالت کيس 8 سالن لاءِ جيل موڪليو.ھن ملڪ جي مشهور ڪاروباري شخصيت کان سياست ۾ قدم رکيو ھو.ان کانپوءِ وزيراعظم جي اعليٰ عهدي تي پهتو. سندس ملڪ اچڻ کان صرف ڪجهھ ڪلاڪ اڳ، سندس ڀيڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ينگ لڪ شناواترا فيس بڪ تي سندس جهاز ۾ سوار ٿيڻ جون تصويرون ۽ وڊيو شيئر ڪيون ھيون.
شناوترا کي 17 سال اڳ هڪ بغاوت ۾ اقتدار تان هٽايو ويو هو.جنھن بعد ھو پاڻمرادو جلاوطن ٿي ويو ھو. پر ٻاهرين ملڪ ۾ رهندي به ٿاءِلينڊ جي سياست تي پنهنجي گرفت برقرار رکي.ٿاڪسن کي سندس غير موجودگيءَ ۾ چئن ڏوهن جي ڪيسن ۾ ڏهن سالن جي سزا ٻڌائي وئي. جيتوڻيڪ انهن مان هڪ تي قانون جي لاڳو ٿيڻ جي مدت ختم ٿي وئي آهي.ٿاڪسين شناواترا ڪير آهي؟اتر چيانگ ماءِ صوبي ۾ هڪ مشهور نسلي واري چيني خاندان ۾ پيدا ٿيو، 74 سالن جو ٿاڪسن 2001 ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ ٿاءِلينڊ جي سياست ۾ تبديلي جي حوالي سان شھرت رکندو ھو.ٿاڪسين کي ڳوٺاڻا غريب ماڻھو سندس پاليسين سبب گھڻو پسند ڪندا ھئا. هن جي پاليسي صحت جي نظام ۽ ڪارڪنن جي حالت کي بهتر ڪرڻ تي ٻڌل ھئي. پر ملڪ جي طاقتور اشرافيه کيس ناپسند نه ڪندي ھئي ۽ سندس حڪومت جي دور کي بدعنواني، آمراڻي ۽ وڳوڙ جي طور تي ڏسندي آھي.وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ، هن 1998 ۾ پنهنجي سياسي پارٽي، ٿاءِ راڪ ٿاءِ، ٺاهي، جيڪا بعد ۾ فيو ٿاءِ جي نالي سان مشهور ٿي، ۽ 2011 ۾ ٿاڪسن جي ڀيڻ ينگ لڪ کي اقتدار تائين پھچايو.ٿاڪسن جي ڀيڻ ينگ لڪ 2011ع ۾ ٿاءِلينڊ جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي وئي ھئي.ٿاڪسن جي 15 سالن جي جلاوطني کانپوءِ ٿاءِ لينڊ ۾ پھچڻ وقت معطل ٿيندڙ پارليامينٽ نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪري رھي ھئي.
قانون سازن ووٽنگ کان اڳ وزيراعظم جي عهدي لاءِ ڪاروباري شخصيت سريٿا ٿاويسن کي نامزد ڪيو آهي. ٿاويسن اصل ۾ ٿاڪسن جي سياسي تحريڪ جو چهرو آهي ۽ فيئو ٿاءِ پارٽي جي اڳواڻي ۾ اتحاد جي سربراهي ڪندو.ٿاءِلينڊ ۾ مارچ کان عبوري حڪومت قائم آهي ۽ ملڪ جي پارليامينٽ گذريل ڪيترن هفتن کان معطل آهي، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيو ٿاءِ پارٽي جي اڳواڻي ۾ اتحادي حڪومت ٺاهي پئي وڃي.