فاطمه جي دردناڪ واقعي کان پوءِ سنڌ جو شعور ڇا ٿو سوچي؟

تحرير: حسن جان سومرو

راڻي پور جي حويلي ۾ نينگري فاطمه جي موت واري معاملي تي ھن وقت سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي. گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي ماڻھن جو سخت ردعمل نظر اچي رھيو آھي. فاطمه  جي دردناڪ واقعي ماڻھن کي ذھني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. ماڻھن جي اڪثريت پيري مرشدي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھي آھي ته  ٻئي طرف فاطمه جي خون سان انصاف جي گهر پڻ ڪئي آھي.

اچرج جي ڳالھه  اھا آھي ته  اڄ ڪلھه سائنسي دور ۾ پير پائڻ سان گڏوگڏ معياري تعليم ھوندي به  سنڌي سماج پيراڻين گادين ۽ جاگيردارن جي دٻڻ ۾ ڦاٿل آھي. مان ان ڳالھه  سان قطعي سھمت ناھيان ته  سنڌ جو شعور پيراڻين گادين توڙي وڏيرڪي نظام سان مھاڏو اٽڪائي نٿو سگھي. وڏيرڪو نظام ۽ گاديون سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪيون آھن، جڏھن ڪا شيءِ ناسور بڻجي وڃي ته  ان کي ڪٽي ڦٽو ڪبو آھي. ھن دور ۾ پيري مرشدي جاگيرداري سنڌ جي شعور ۽ ترقي پسند سماج لاءِ بدنما داغ آھي سماج انھيءَ ڪوڙھ جي مرض خلاف شعوري طور وڙھي سگھي ٿو. جيڪڏھن سنڌ جو ترقي پسند طبقو مسلسل ويڙھ ۽ جدوجهد ڪندو رھي ته نتيجا يقينن لاڀائتا نڪري سگھن ٿا.

سنڌ جو شعور شيخ اياز، سائين ابراھيم جويو، سائين جي ايم سيد، محترم سائين انور پيرزادو جو شعوري تسلسل آھي. جيڪو حق ۽ انصاف جي پڪار ڪري رھيو آھي. ڇاڪاڻ ته  اھي تاريخ جا اھڙا ماڻھو ھئا جن ڪڏھن به  سنڌ جي حقن جي سوديبازي نه  ڪئي. ھاڻي اھو شعور نوجوانن جي روپ ۾ سنڌ کي امانت ٿي مليو آھي.  سنڌ کي احسانمند ھجڻ کپي اھڙن ماڻھن جو جن ۾ سائين انور پيرزادو جھڙا دانشور  ڪتابن ذريعي پنھنجو شعور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦھلائي ويا.

سنڌ جو شعور جيڪو سيد پرستي ۽ پير پرستي سان جيڪا ويڙھ جوٽي آھي اھا نتيجا وٺي سگھي ٿي پر جيڪڏھن ان ۾ مسلسل جدوجھد جو عنصر شامل ھجي. بحرحال ان ڳالھه  ۾ ڪو شڪ ناھي ته  سنڌ جو شعور مزاحمت ڪري رھيوآھي، پير سيد پرستي به  سنڌ ۾ ملائيت وانگر صدين کان گھر ڪيو ويٺي آهي. ان جون پاڙون پٽڻ لازمي ٿي پيو آھي.

سنڌ ۾ صدين کان سيدن، پيرن، وڏيرن، جاگيردارن جون حويليون نه صرف ٻاهر جي پر گهر جي عورتن لاءِ به مقتل گاهه ۽ عقوبت خانا بڻيل آهن.  درگاهن تي پيل نذراني جي پيتين ۽ پيرن کي پيسا ڏيڻ بجاءِ پاڙي جي ڪنهن مسڪين جي مدد ڪرڻ سان پير به سوڙها ٿيندا مسڪين به خوش ٿيندا ۽ الله به راضي ٿيندو. سنڌ جا اڄ به ڪيترائي خاندان غلامن واري زندگي گذارين ٿا، جنھن ۾ والدين به  ان گناھ ۾ برابر جا شريڪ آھن جيڪي پنھنجون معصوم نياڻيون “ٻانھيون” ۽ پٽ “نوڪر” طور ٺڳن مرشدن جي گادين حوالي ڪن ٿا.  جيڪڏھن سڀني حويلين جي ملازمن جو ميڊيڪل  ٿئي ته سوين پيرن کي پنھنجي ڪوڙي عزت جي خبر پئجي ويندي. فاطمه  جي دردناڪ موت عوامي سگهھ کي جنھن طريقي سان منظم ڪيو آهي جو پيرن جي ايتري طاقت هوندي به هو سچ لڪائي نه سگهيا ۽ هاڻ جڏهن ميڊيا تي ڏاڍائي تشدد جي جي تصديق ٿئي آهي ته  پاڻ کي قانوني پاسي کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سوشل ميڊيا وسيلي هن پريشر کي قائم رکڻو آهي.

سنڌ جو شعور ان ڳالھه  جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ته  نياڻين کي درگاهن جا در ڏيکارڻ بجاءِ درسگاهن جا در ڏيکاريا وڃن، درسگاهه قابليت، ڏاهپ علم عقل ۽ انسانيت سيکاري ٿي. اسانجو موجوده نسل ان بيماري کان آجو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ نسل به آجو هوندو،

معصوم نياڻي فاطمه سان انصاف لاءِ روڊن، رستن ۽ عدالتن ۾ قانوني ويڙهه جي به  تمام گھڻي اھميت آھي. مان ھن مضمون ذريعي سنڌ جي شعور کي اپيل ڪيان ٿو ته  سنڌ جي نياڻي فاطمه  کي انصاف ڏيارڻ تائين پنهنجي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه ڏجو، سنڌ جي معصوم نياڻي فاطمه،  ميڊيڪل رپورٽ مطابق سندس جسم تي لڳ ڀڳ اٺ ڌڪ لڳل آهن ، جنسي زيادتي ڪافي عرصي کان ٿيندڙ هئي معصوم فاطمه جو خون کين بخش نه ڪندو، فاطمه  ڦرڙو ڪيس نوڪر کي قرباني جو ٻڪر بڻائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

سنڌ جي شعوري سگهھ علمي حوالي سان اھو به  تاثر رکي ٿي ته  راڻي پور جي حَويلي کي مِسمارُ ڪري (شهيد فاطمه گرلس اسڪول) قائم ڪيو وڃي. پيرن جي “حويلين” تي ڇاپا هڻي عقيدي جي نالي تي باندي بڻايل معصوم نياڻين کي آزاد ڪرائي هميشه لاءِ “ڪنيز يا ٻانهي” رکڻ تي پابندي مڙهي وڃي. ان کان وڌيڪ قيامت ڪھڙي ھوندي جڏھن فاطمه  جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ واري ڊاڪٽر ڏکاري لھجي ۾ چيو ته ظالمن جسم جو ڪھڙو حصو ڇڏيو اٿن جنھن تي تشدد نه ٿيو ھجي. ٻارڙي سان ته قيامت ٿيل ٿي ڏسجي، سنڌ جو شعور وڌيڪ اھو به  سوچي ٿو ته  پير آف راڻي پور جي حويلي جاءِ واردات آھي جتي فاطمه  سان ايڏو ڪيس ٿيو.پوليس ان حوالي سان عورت اھلڪارن سان گڏ سڄي حويلي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ ثبوت ھٿ ڪري سگھجن ٿا. سنڌ جو ماڻھو ھن وقت تمام گھڻي ڏک ۽ رنج واري ڪيفيت ۾ آھي عوام معصوم فاطمه  سان انصاف جو منتظر آھي.

سنڌ جو شعور اھا التجا ڪري ٿو ته  معصوم فاطمه جي قاتلن جو ڪيس راڻي پور جي مک چوڪ تي عوامي عدالت ۾ ھلڻ گهرجي، نه، ٻڌڻي نه تاريخ صرف  ۽ صرف فاطمه  سان انصاف عوامي عدالت ۾ ئي ٿي سگھي ٿو.

سنڌ جي نجات پيرپرستي،وڏيراشاهي، سرداري نظام، ذات پرستي، جاهلاڻي قبائلي نظام، مذهبي انتها پسندي ۽ پدري سماج جي سمورين بدترين شڪلين کي دفن ڪرڻ کان سواءِ ممڪن ناھي ايڪويهين صدي انهن ڪوڙهيل متروڪ نظامن جي صدي ناهي.ھاڻي سنڌ جي شعور کي انتظار ان ڳالھه  جو آھي ته  ھِن ٻاٽ ۾ اُن لاٽ ٻرڻ جو ته ڪير ڪٿان ۽ ڪھڙي روپ ۾ لاٽ ٿي ٻرندو ۽ ھن سموري سنڌ کي روشن ڪندو

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.