ھو ٻئي فضلو جي ھوٽل تي چانھه پي رھيا ھيا. ڳالھين مان ايئن پئي لڳو ته ڪنھن جو انتظار ڪن پيا. ڳالھين ۾ ڪنھن قسم جي ڪا به عقلمندي واري ڳالھه ڪانه ھئي .
فضلو جو ھوٽل سٺو ڪمائي رھيو ھيو، ھن جي ھوٽل ۾ ھڪ عدد ٽي وي ۽ وري وڏي آواز سان ٽيپ تي گانا به ھلندا ھئا. مزو لڳو پيو ھو. نم جي وڻ ھيٺان رکيل بينچن تي رمضو ۽ جمعو ڪنھن جي انتظار ۾ تقريبن ٻه ٽي ڀيرا چانھه پي چڪا ھوندا .
جمعا اچڻ ڏي الله وسائي کي وڏيرن کي اھڙو ته مزو چکائيندو جو سڄي پيڙي ياد ڪندي. يار رمضو، ڳوٺ جا اسڪول بند پيا آهن، ماستر اچي ئي ڪونه ٿو. بس جمعا اچئي ٿو ھاڻي الله وسايو سڀ ڏک لھي ويندا.
رمضو توکي خبر پئي ته صالح محمد پنھنجي نياڻيءَ کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيون. چون ٿا ته ڇوڪري پسند جو پرڻو پئي ڪرڻ چاھي. جمعا خبر ته پئي آهي بس انھن جاھلن کي ڪير سمجھائي. مون ته پنهنجي نياڻيءَ کي ست قرآن سمجھي سڳوري قرآن سان پرڻو ڪرائي ڇڏيو آھي. ٻين نياڻين جون ڪجھه پيسن عيوض شاديون ڪرائي ڇڏيون. نياڻين جا ڀاڳ پنهنجي ور جي گھرن ۾ ھوندا آھن ماءُ پي جي گھرن ۾ ڪونه ھوندا آھن. باقي بس اچي الله وسايو سڀ ڏک ختم .رمضو، ايندو ڪڏھن الله وسايو؟ بس ڄاڻ آيو جمعا. رمضو، ٻوڏ جون خبرون پيون ھلن يار ڇا ٿيندو اسان جو حال نڀاڳن ڪٽ ڪڍي اسان جو برو حال ڪري ڇڏيو ھيو، دعا ڪر ته نه اچي ٻوڏ.ٽري ويندي ھن سال ٻوڏ الله وسائي جي نصيب سان تون دل نه لاھه.
فيضو ڦاري ته ڏي ٺلهي چانھه ٿا پيون . ھاءِ ھاءِ آيو. رمضو ھي وٺ ڦاري. حال ته ڏي الله وسايو ڪڏھن ٿو اچي؟ اھو آيو، صبح کان پيو انتظار ڪرين، ڪا ته خبر چار؟ صبر پڇڻ ڏي جوسي کان جوسا ڏي خبر الله وسائي جي، نه ماما اڃان ڪٿي.ڇڏ اچي ويندو نيٺ الله وسايو به .
رمضو ڏاڍو ڏک ٿيو دليپ کي اغوا ڪري ويا ڌاريل، ڪھڙو دليپ جمعا؟يار شھر جي ڀر سان جنھن جو مٺائي جو دوڪان آھي، جتي تون ۽ مان، اڪثر رس گلو کائڻ ويندا ھيا سين.ھا ھا يار اسان وارو دليپ ھو ته تمام ڀلو ماڻھو آھي. بس رمضو الائي انھن ڌاڙيلن کي ڇا ٿي ويو آهي، روز ڪنھن نه ڪنھن کي پيا اغوا ڪن.
يار جمعا موبائل ته سٺي ورتي اٿس ڏي ته ھڪ پوز ھڻي فوٽون ڪڍون.ھا ھا وٺ توکان موبائل وڌيڪ آھي ڇا بس الله وسايو اچي ته ھن سان به فوٽون ڪڍرائينداسين ٻڌ ھن دفعي اليڪشن ۾ وونٽ ڪنھن کي ٿو ڏيئين.
يار جمعا بس انھن کي جيڪي ڀت کار ايئن يار اسان جي وڏن به ته شھيدن کي وونٽ ڏنو ھو نه پوءِ اسان ڇو غداري ڪيون. توکي ته خبر آھي شھيد مرندا ناھن انھن کي سڀ خبر پوندي آهي. يار جمعا.باقي اچي اسان جو الله وسايو پوءِ الله کي خبر.
جمعا ڏس ته خميسي کي، زال جي ڊپ ۾ صفا باندر جھڙو ٿي ويو آهي. رمضو زائفن جو وري ڪھڙو ڊپ. ھڪ ڌڪ ھڻ ته چپ ٿي ويندي مون ته پنهنجي گھر واري کي اھڙي اک ڏيکاري آھي جو ماٺ لڳي پئي آھا جمعا منهنجي گھر واري کي به خبر آھي منھنجي، حرام ڪو اکر به ڪڇي. عورت کي ڪنٽرول ۾ رکجي نه ته پوءِ خميسي جيان باندر ٿي وينداسين ھاھاھا، جمعا ريپ ڇا ٿيندو آھي؟ڇو وري ڇا ٿيو؟
ٽي وي تي خبر پئي ھلي ته اسان جي ڀر سان جيڪو ڳوٺ آھي، ھن ۾ ڪنھن نياڻي سان ريپ ٿيو آهي. بس ادا تڏھن چوندو آھيان ته ڇوڪريون پيدا ئي نه ڪيو، ادا ريپ چوندا آهن ته ڪنھن جي لڄ لٽڻ. بس تڏھن ته الله وسائي جو اوسيئڙو لڳو پيو آهي. جوسا بابا ڏي خبر! نه ماما اڃان ڪٿي.
رمضو، کير به نج پيئڻ لاءِ ڪونه ٿو ملي. ڪنھن دور ۾ اسان جي ڳوٺ جو کير ڪيڏو نه مشھور ھيو پر ھاڻي نڀاڳا کير ۾ پاڻي ۽ ٻيو الاھئي ڪھڙي دوا ٿا وجھن جو ڪاڻي ڪامڻ ٿيو پوي.
بس ابا ھلي پيو گاڏو چون ٿا
ھن دفعي اليڪشن ۾ ڪو ايماندار ماڻهو ٿو اچي، ديس ئي بدلائي ڇڏيندو. نه جمعا منھنجو وونٽ ابا ڏاڏا جنھن لاءِ چيو آھي بس ھن کان صفا ڪونه مڙبو. باقي الله سڻائي ڪندو بس اچي پاڻ وارو الله وسايو. سڀ بدلائي ڇڏيندو.
ٻڌو آھي رمضو ته يوٽيوب تي ويڊيو ٺاھي موڪل ته پيسا ٿا ملن، ھا پنھنجي ماسي زينت جي ڌيءَ شھر ۾ ٿي پڙھي روز الائي ڇا ڇا ٿي رکي يوٽيوب تي.مٿي تي رئو به ڪونه اٿس.بس شھر سڄو اچي خراب ٿيو آ ،ڪا شرم حياء رھي ئي ڪانه آھي .يار سامھون ڏس ٽي وي ۾ ڪيڏي نه ڀلي مائي آھي باقي اسان واريون مايون ڊيڄارن ٿيو جھڙو. ھا ھا چوين صحيح ٿو جمعا.يار مون واري ننڍري چوي ٿي ته اسڪول وڃان مون ٺپ منع حالتون ڏسي ٿو ڪھڙيون لڳيون پيون آهن اسڪول ۾ ماسترن جي اکين ۾ ڪو شرم ئي نا ھي .ھا اچي الله وسايو پوءِ ڏسبو .
يار تو وارو يار الله وسايي ته دير ڪئي آهي، تيسين فضلو کان ٻي ڦاري وٺي ٿا کائون پوءِ ڀت ته پڪو ،الله وسائي کان پوءِ .جمعا اڄ ڪلهه جون مايون رڳو پيون ڌي جي اولاد ڄڻين پاڻ وارو صابو ستين ڌي کان پوءِ خوش ھو ته پٽ ٿيندس پر وري به ڌي ٿي اٿس. ھل رمضو پوءِ ھاڻي صابو ڇا ڪندو، چوي ٿو ٻي شادي ڪندم .يار صفا غريب مسڪين کائڻ لاءِ ماني به ڪونه اٿس، ٻي شادي ڪئين ڪندو؟.يار سندس مائي حويلي ۾ ڪم ڪندي آھي سيدن جي، باقي نياڻيون به ڪم ڪنديون اٿس ماءُ سان گڏ .
ماما ماما او ماما، ھا جوسا ڏي خبر ڇا ٿيو. الله وسايو اچي ويو. فضلو، الله وسايو اچي ويو
نه ماما نه!ڇو اڃان نه آيو آھيماما الله وسائي آئي آهي.ڇا!چريو ٿيو آھين ڇا! ڊاڪٽرياڻي پاڻ الٽرا سائونڊ ڪري ٻڌايو ته ڇوڪرو آھي، يار جمعا ھي ڇا ٿي ويو قھر ٿي ويو . اسان ڇا ڇا پيا سوچون ته الله وسايو ايندو ته سڀ صحيح ٿي ويندو.بس رمضو سنڌ جا خواب اڻپورا رھجي ويا.
الله وسايو ڪونه آيو.