ٻيو ۽ آخري حصو
قانون جو اجرا ٿيڻ پهريون بنيادي ڪم هوندو آهي، پر اسان وٽ جيڪا طرز حڪمراني ۽ قانون جي حڪمراني آهي، ان ۾ قانون تي عمل ڪرائڻ سڀ کان وڏو ۽ ڏکيو چئلينج آهي. اسان ڏٺو آهي ته ڏينهن جي روشني ۾ قتل ٿيل، واضح ثبوتن سان جڳ جهان کي ڏٺل قاتل بچي ٿا وڃن. سو به ان بنياد تي ته هُو سگهارا آهن. ان قوت واري جو هجڻ ۾ هر اُهو ماڻهو ۽ ادارو آهي، جيڪو پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿي سگهجي ٿو، بلڪه اِهو ثابت ڪري ٿو ڏيکاري. قانون ۽ سزائن جو رعيت، غريب ۽ بي وس جي لاءِ هجڻ جا ايترا ته گهڻا ۽ روز جي بنياد تي مثال آهن جو عام غريب ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪو به جهلو ڪٿي به نٿو ڏسي! جيڪڏهن ايس ايڇ او کي خبر هوندي ته کانئس پڇاڻو سندس تر ۾ سلامتي، ڏوهن جي گهٽجڻ، بهتر حفاظتي انتظام هجڻ، چورن، ٺڳن، ڌاڙيلن، اصلحو ۽ نشو وڪڻندڙن خلاف بهتر انتظام ڪرڻ بابت ٿيندوته هو نوڪري ان بنياد تي ڪندو. اهي گڻ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي عنصر ضروري آهن؛ مثال طور ايس پي آفيس يا ٻين بجيٽ ڏيندڙ کاتن طرفان عملي طور تي گهربل بجيٽ ملڻ، وڏي ماڻهو کي بچائڻ لاءِ رياستي، سياسي ۽ ادارتي عمل دخل نه هجڻ، پوسٽنگ جا پئسا يا ٿورو نه هجڻ جهڙيون شيون ضروري آهن. اِهو طرز حڪمراني جو وسيع نظام آهي، جنهن کي پوري سنڌ ۽ پاڪستان تائين ڦهلائڻ لاءِ قانون ۽ آئين جي حڪمراني واري رستي تي عمل ڪري پهچي سگهجي ٿو. پوءِ ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪامورو ڪڙو، ملازم، جج، ادارا، سياستدان ۽ ٻيا سڀ ان گهاڙيٽي تي هلڻ شروع ٿيندا. ان لاءِ سجاڳي، جمهوري رستا، جدوجهد، ٻڌي ۽ معاشري ۾ جيڪي مثبت قوتون آهن، انهن کي گڏائڻ لازمي آهي! ان لاءِ ڏينهن ۽ مهينا نه، پر سال کپن.
اوهان شهرن، عاليشان دڪانن ۽ مالن ۾، ڪنهن وڏي ماڻهو/ ڪاموري/ سياستدان/ سردارن/ صنعتڪارن جي عورتن سان گڏ ڏسندا ته انهن جي ننڍن ٻچن کي سنڀاريندي، ميرانجهڙن ڪپڙن ۾، انهن جي کاڌي جي ٽيبل کان ڏور، منهن ۾ سڄي دنيا جي نراسائي کنيو ڪي نينگريون ڪنڊن ۾ ويٺل نظر اينديون. تمام گهڻي تعداد ۾ انهن جا ٿانوَ وغيره به جدا هوندا. هاڻ ڪو ورلي اهڙو ڪٽنب ملندو، جيڪو انهن کي پاڻ جهڙو عزت ۽ پيار سان رکندو آهي. ’ٻين جي ٻارن کي سنڀار‘ جو ڪم هڪ هنر ۽ ڪرت آهي. دنيا ۾ ڪيئي عورتون ڪن ٿيون. فلپائن جي ملڪ جون عورتون ان ۾ صلاحيت جي لحاظ کان بهتر آهن. انهن جو اثر ٻارن جي تربيت ۽ لڇڻن تي به پوي ٿو. دنيا ۾ ان شعبي جي عزت ۽ مان آهي، پر اسان وٽ ايئن لڳندو، ڄڻ ڪو غلام ڪنهن ڪٽنب کي هٿ آيو آهي. پوين چند سالن جو مثال وٺنداسين ته گهرو ملازمن، خاص ڪري نينگرين تي تمام گهڻو تشدد ٿيندو سامهون آيو آهي. 2020ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ هڪ ڏھ سالن جي نينگر زهره کان وٺي اڄ راڻيپور ۾ فاطمه معصوم جي موت تائين، ڏهڪائيندڙ مثال سامهون آهن. ڪئي ته واقعا رپورٽ ئي نٿا ٿين. ٻنهن نينگرن جي نالي کي ملائجي ته فاطمه الزهره ٺهي ٿو! هن اسلامي ٻاجھه واري عظيم نالي واري نياڻين سان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪيڏو ظلم ڪيو ويو آهي!
2010ع کان وٺي اڄ تائين رپورٽ ٿيل مارڻ جا واقعا لڳ ڀڳ 50 آهن. جڏهن ته زنا ۽ وحشي نموني ڪُٽڻ جا واقعا پڻ 100 کان مٿي آهن! جيئن وقت گذريو آهي، سنڌ جي ڌرتي عورتن ۽ نينگرين لاءِ ٽامڻي ٿي پئي آهي. پڙهيل لکيل، پنهنجا فيصلا ڪرڻ واريون اُتساهيندڙ نينگريون پنهنجن ئي مردن جي هٿان ماريون ۽ زبح ڪيون ويون آهن، ته وري ڪيئي ڏاڍن هٿان کنيون، کنڀيون، زنا ڪيون ۽ ماريون ويون آهن!
قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ، قانون جي تشهير، ان جي سمجهه ۽ لاڳاپيل ڌرين کي انهن بابت تربيت ۽ انهن جي لاءِ ڪردار/رويا بهتر ڪرڻ جي سمجهه پيدا ڪرڻ، قانون کي عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ وسيلا ۽ صلاحيتون پيدا ڪرڻ جا عمل اچن ٿا، انهن سڀن جي لاءِ وري سياسي ترجيح ۽ زوربار هجڻ انتهائي ضروري آهي. اسان وٽ ادارتي روين ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني آڻڻ ۽ پنهنجا فرض سمجهڻ جو هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه هوندو!
هڪ ڊاڪٽر صاحب 20 سال اڳ جو واقعو ٻڌايو ته شايد ڪٿي نه وڃڻ واري رستي (وَن وي) تي اڻ ڄاڻائي مان چڙهي ويو، پويان ايندڙ پوليس جي گاڏي جيڪا پاڻ وَن وي ٽوڙي آئي پئي، کين روڪيو. پوليس ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو ته اوهان ون وي ڇو ٽوڙيو. ”مون کي ڄاڻ نه هئي، پر اِهو ڪم اوهان به ته ڪيو!“ ڊاڪٽر صاحب هنن کي چيو. جواب ۾ همراھ چيو ”اسان ڪجهه به ڪري سگهون ٿا!“ اِها سوچ، اهو رويو، ان حساب سان قانون ۽ آئين جي سمجهه عملدارن کان وٺي ڪرسي تي ويٺل ججن جي يا وڪيلن ۽ هر وڏي ماڻهو جي پڻ آهي. جج پاڻ کي منصف کان وڌيڪ ڪنهن فلم جو هيرو، ڪامورو پاڻ کي حڪومت ۽ ماڻهن جي ٽيڪسن تي پگهاردار کان وڌيڪ حاڪم يا حاڪمن جو ڪمدار، سياستدان/حڪومت ڪندڙ پاڻ کي عوامي نمائندو نه، پر صرف حڪومت ڪندڙ ۽ پنهنجي مرضي هلائيندڙ مالڪ سمجهي ٿو، جن کي قانون ۽ قاعدن جو عمل ڪرائڻو آهي، اهي سڀ پاڻ کي قانون ۽ آئين کان مٿي سمجهندا ته فاطمه کي انصاف ڪير ڏيندو!؟ پڙهڻ لاءِ گهران نڪرندڙ، ڪم ، نوڪري لاءِ، گاھ تي ويندڙ، زندگيءَ جيئڻ لاءِ نڪرندڙ نياڻين کي ڪير تحفظ ڏيندو! ڇو جو ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ وارو سمجهندو آهي ته هو آئين، قانون ۽ پڪڙ کان مٿي آهي. پوءِ جيڪي به ڪردار پاڻ لاءِ چون ”اسان ڪجهه به ڪري سگهون ٿا“ اهو سڀ پنهنجي قانون ۽ آئين ٽوڙيندڙ ٽولي سان گڏ بيٺل هوندا، نه ڪي فاطمه سان!
گهرو ملازمن لاءِ ٺاهيل قانون ۾ بنيادي طور تي واڌارو ڪري پيرن، ميرن، شاهن، سردارن، گادين وارن، ڪامورن ڪڙن سميت سڀن ماڻهن وٽ جيڪي گهر ۾ ڪم ڪندڙ عورتون، ٻارڙيون ۽ ننڍا ٻار آهن، ان کي شامل ڪيو وڃي. 2018ع قانون ۽ ان سان لاڳاپيل قانونن جي تشهير ڪئي وڃي، ان جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪرائي عام ڪيو وڃي. گهرو ملازمن جي لاءِ هڪ ڊجيٽل ڊيٽابيس ٺاهيو وڃي. لاڳاپيل ادارن، ماڻهن ۽ تنظيمن کي تربيت ڏني وڃي. سياسي روشن خيال، عورت ۽ ٻارڙين لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، سول سوسائٽي، انساني، عورتن ۽ ٻارڙين جي حقن جا ادارا اڳتي اچن.
هاڻ جيئن پيپلز پارٽي جي محترمه آصفه ڀٽو کان وٺي ڪئي سياسي ليڊرن بيان ڏنا آهن، انهن بيانن کي، سندن پارٽيون هڪ حڪمت عملي جوڙي عملي قدمن جو اعلان ڪن ۽ ان کي ايندڙ اليڪشن جي مينيفسٽو جو پڻ حصو ڪن.