وار ڇڻڻ جو مسئلو اڄڪلهه هر ٻئي ماڻهوءَ سان پيش اچي رهيو آهي، غير صحتمند خوراڪ، وارن جي گهربل سارسنڀال نه ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ننڍي عمر ۾ ئي وار ڇڻڻ واري مسئلي جو شڪار ٿي رهيا آهن.
وارن جي صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وار ڇڻڻ جا هارمونل ۽ طبي مسئلن سميت ڪيترائي سبب هوندا آهن پر ان مسئلي جو قدرتي حل رڳو هڪ ئي آهي. جنهن کي ڇڻندڙ وارن جو علاج چئي سگهجي ٿو.