ٻانڌي/ڪراچي(ن ع آ+رپورٽر) ٻانڌي ويجهو مدرسي نه وڃڻ تان ٻار تي ڏاڏي پاران تشدد جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي،وڊيو ۾ همراهه مدرسي نه وڃڻ تي پنهنجي معصوم پٽ جا هٿ پير ٻڌي مٿس تشدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي،وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار مدرسي وڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس ڏاڏو کيس تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي،وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سياسي سماجي ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، وحشي والد کي حراست ۾ورتو ويو جڏهن ته معصوم نينگر کي به ٿاڻي تي گهرايو ويو،هوڏانهن آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار شهيد بينظير آباد ۾ مدرسي جي شاگرد تشدد واري وائرل ٿيل وڊيو جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي جنهن کانپوءِ باندي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي مدرسي جي شاگرد غلام فريد ولد منٺار تي تشدد ڪندڙ سندس ڏاڏي غلام حيدر ولد محمد سليمان کي گرفتار ڪري ورتو ،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مدرسي جي شاگرد تشدد ڪندڙ سندس ڏاڏي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.