خيرپور( رپورٽ شاهد نواز سيال ) خيرپور جي سوين ايڪڙ زمين افغاني نور آغا کي غيرقانوني الاٽ ڪرڻ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ، وڌندڙ بدامني خلاف جسقم جي سڏ تي 2 ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، جسقم جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فقيرامداد منگي، ڪامريڊ اڪبر مڪول، اعجاز ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ڪچهري روڊ کان ٿيندي ڊي سي آفيس خيرپور آڏو ڌرڻو هڻي، ڪيمپ قائم ڪئي وئي، ڪيمپ ۾ اهي متاثر کاتيدار به موجود هئا، جن جون زمينون افغاني پٺاڻن کي جلسازي ذريعي الاٽ ڪيون ويون هيون، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهل ساريو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جون زمينون هڪ وڏي سازش تحت غير مقامي ماڻهن ۽ افغانين حوالي ڪيون پيون وڃن جيڪا سنڌي ماڻهن سان وڏي زيادتي آهي