سچ پچ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب پنهنجي شخصيت ۾ ھڪ ادارو ھو جنهن جي مٺڙي مرڪ ڪيترائي ٿڪ لاھي ڇڏيندي ھئي سندس انسان دوست ڪردار جو ھر ھڪ ماڻهو گواھي ڏيندو. انسانيت سان محبت سندس فطرت ۾ شامل ھوندي ھئي ھن انسان وٽ امير غريب وارو فرق نه ھوندو ھو. ھي محبوب انسان سراپا محبت ھو ۽ ھن فقير طبيعت سيلاني انسان سان ھر ھڪ ماڻهو پنهنجي ويجهي ھجڻ ۽ ساڻس محبتن جي دعويٰ ڪندو ھو ڇو ته ھي روايتن جو امين ماڻهو سڀني، ماڻهن سان بيحد احترام ۽ پيار ڪندو ھو ھن کان ڪنهن جي تڪليف برداشت نه ٿي سگهندي ھئي سندس دل ميڻ جيان ملائم ۽ نازڪ ھوندي ھئي.
ھو ميڊيا جو ماڻهو ھو پاڻ سنڌ جي تمام وڏي اخبار جو شيئر هولڊر ھوندي به ڪڏهن ان تي غرور نه ڪيائين جڏهن به ڪنهن اخباري ورڪر سان ڪو ڪم ھوندو ھوس ته ان کي ٻين مالڪن جيان فون ڪري گهرائي حڪم نه ڪندو ھو پر انتھائي عاجزي سان ان ماڻهوءَ وٽ پاڻ وڃي، حال احوال ڪندو ھو. ڊاڪٽر صاحب جي وڃڻ کان پوءِ اھي ورڪر صحافي دوست کائنس متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهندا هيا.
مون کي چڱي طرح ياد آهي ڇو ته گهڻو وقت مون ناچيز پنهنجي محسن ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻو صاحب سان گڏ گذاريو آهي ان ڪري ان جي طبيعت ۽ ڪردار کان چڱي طرح واقف آھيان. ڪڏهن اخبار جي اشتھارن جا پيسا حڪومت بند ڪري ڇڏيندي ھئي ته اخباري ورڪرن کي ڪيترن ئي مھينن تائين پگھارون نه ملي سگھنديون ھيون اهي ورڪر صحافي دوست سخت پريشاني کي منهن ڏيندا ھئا پر ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي کيسي مان انهن وڪرن دوستن کي پئسا ڏيندو ھو ۽ ڪيترا ورڪر ضرورت ۾ ڊاڪٽر صاحب کان اڌار طور پيسا وٺندا ھئا ڊاڪٽر صاحب انهن کي خوشي سان پيسا ڏيندو ھو.
سچ پچ ڪراچي جھڙي وڏي شھر ۾ روزاني عوامي آواز اخبار جي ھيڊ آفيس ڄڻ نج سنڌي اوطاق جھڙو ماحول ڏيندي ھئي. سنڌ جي سياسي تنظيمين جا اڳواڻ روزاني عوامي آواز اخبار کي پنهنجي ۽ سنڌ دوست اخبار سمجهندا ھئا اھو سڀ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب جي محبتن جو ڪمال ھوندو ھو شاگردي واري دور ۾ ڊاڪٽر صاحب کاٻي ڌر جو سرگرم اڳواڻ هو شھيد نذير عباسي جي سٿ جو ساٿي ھوندو ھو، پاڻ ھميشه مظلوم ماڻهو جو مضبوط آواز بڻجندو ھو سچ پچ ڊاڪٽر صاحب جھڙا ڪردار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو تاريخي سرمايو ھوندا آهن جيڪي ماڻهو ھڪ ئي وقت پنهنجي علائقي جو وڏيرو به ھجي، وڏو زميندار به ھجي ان سان گڏ ڊاڪٽر به ھجي ۽ تمام وڏي اخبار جو مالڪ به ھجي ان کان علاوه ماضي جو سرگرم سياسي اڳواڻ ھئڻ جي باوجود اھڙو ماڻهو غريب ماڻهن جو يار بڻجي وڃي اھو شايد اسان جي ھن ناڪاره سسٽم ۾ ناممڪن ئي آهي پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪردار جي بنياد تي ممڪن بنائي ويو تنھن ڪري ڊاڪٽر خير محمد جوڻو صاحب جو وڇوڙو جنهن کي ست سال گذري وڃڻ جي باوجود به اسان کان وسري ناهي سگهيو سندس يادن جا گلاب ھميشه اسان جي ذھنن کي ڪيترن ئي احساسن سان گڏ خوشبودار بڻائيندا رھندا ڇو ته سندس ڪردار جي خوشبو مون جھڙن ماڻهن کي باڪردار بڻايو آهي پنهنجن مظلوم ماڻهن سان محبت ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.
اسان کي ڊاڪٽر صاحب جي دوستي تي فخر ۽ ناز آهي ڇو ته ھو گلاب جھڙو ملائم ۽ ناز ماڻهو جيڪو گلن سان پيار ڪندڙ انسان ھو جنهن وٽ دولت ھئڻ جي باوجود پاڻ ھڪ فقير طبيعت انسان ثابت ڪرايو وڏائي تڪبر ۽ غرور ڪرڻ پاڻ لاءِ وڏو ڏوھ تصور ڪندو ھو تنهن ڪري سيد ديدار حسين شاھ صاحب کان وٺي عوامي آواز جي انتھائي ثابت قدم دوست مانواري زرار پيرزادو ۽ عبدالخالق جوڻيجو، شاھنواز کوکر کان وٺي نواز علي جوڻو تائين اسان سڀ ڊاڪٽر صاحب جي محبت جا مقروض آهيون جنهن جي باڪردار شخصيت اسان جي دلين ۾ ڄڻ گهر ڪري وئي آهي. سندس يادگيريون ڏاڍيون خوبصورت آهن جن کان اسان پاڻ کي پري ڪري نٿا سگهون. ڊاڪٽر صاحب جي محبتن جا مينار اسان جي دلين ۾ دفن ٿيل آهن جنهن کي وقت جا ڪيترائي طوفان مساري نه سگهيا آهن.
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اسان لاءِ صدين جي صدا بڻجي ويو آهي جنهن جي ٽھڪن جا خوبصورت آواز صدين تائين اسان جي ذھنن سان ٽڪرابا رھندا ۽ ھر موسم ۾ ايندڙ برسات ۽ تيز ھوائون سندس ياد جا گل بڻجي اسان مٿان نڇاور ڪنديون رھنديون شيخ اياز جي خوبصورت شاعري جي لفظن سان ڊاڪٽر صاحب کي ڀيٽا پيش ڪندي ان اميد سان وري ملنداسين ته سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تون سواءِ نه ٿيندي اچن ته منهنجي اوماس ۾ آ ڇو ته ٻي رات ڪانه ٿيندي، ڪڏهن به دوار دل جا نه ٻوٽبا، تون ڀلي ھلي آ ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چئين آجيان نه ٿيندي.