سنڌ ۾ ڏوھن جو گراف وڌي وڃڻ کانپوءِ ھاڻي عوام عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آھي.اڳي ئي مھانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي نپوڙي ڇڏيو ھو مٿان وري حڪومت ۽ انتظاميھ جي نااھلي سبب حياتيءَ جون سمورين خوشيون پوريون ٿي ويون آھن، ھن مدي خارج ۽ بي حيا معاشري مان عوام جي لاءِ اتساھ جو ڪو بھ ڪرڻو اڀري نھ رھيو آھي.
تازو سکر ۾ ھڪ ساک واري صحافي جي سرعام قتل ۽ ان بعد راڻي پور ۾ ڏھن سالن جي نياڻي جي بي دردي سان قتل واري واقعي سان سنڌ ۾ عام ماڻھون جي حالت ۽ حڪومت پاران عوام جي جان مال ۽ حياتيءَ جي تحفظ واري ذميواري جي پت چڱي ريت وائکي ٿي رھي آھي.ھڪڙو خيال ھي آھي تھ ھتي طاقتور ڌريون ڪنھن وڏي واقعي جي اثر تان عوام جو ڌيان ھٽائڻ جي لاءِ ڪو ٻيو اھڙو واقعو ڪرائين ٿيون جنھن سان ماڻھن جو سمور و توجهھ ان طرف ڇڪجي وڃي ٿو ۽ اڳوڻي واقعي تان ڌيان گھٽجي يا ختم ٿي وڃي ٿو.ان خيال جا حامي مبصر راڻي پور واري واقعي کي صحافي جان محمد مھر جي قتل سان ڳنڍي رھيا آھن.حقيقت ڪھڙي بھ ھجي پر اھو ھڪ عرصي کان ٿيندو پيو اچي . انڪري ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.
سنڌ ۾ ڪمزور يا خراب ڪارڪردگيءَ واري حڪومت ھئڻ ڪري ڪو بھ ضلعو يا ٻھراڙي وارو علائقو نھ بچيو آھي جتي ڦرون ڌاڙا ۽ ارھ زورايون جاري نھ ھجن.اھو برابر آھي تھ انھن سمورين علائقن ۾ قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سرڪار جا کاتا آھن، انھن ۾ مقرر عملدار بھ آھن، انتظاميا پڻ آھي. اھي موجود بھ آھن، ان ھوندي اھو سوال پنھنجي جاءِ تي موجود آھي تھ انھن مان عام ماڻھو کي ڪنھن بھ سطح تي ڪو گھڻو فائدو نٿو پھچي. جيڪڏھن ٿورن لفطن ۾ ڳالھھ پيش ڪجي تھ اھو ئي ڪافي آھي تھ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات سميت منع ڪيل سمورين شيون وڪرو ٿي رھيون آھن.جنھن کي ڪنھن بھ ريت روڪڻ جي لاءِ پوليس تيار نھ آھي. ان لاءِ ھفتي پندرھن ڏينھن ۾ ڪو ”ٽيلر“ ضرور ڏسڻ جي لاءِ ملندو ھوندو تھ منشيات يا گٽڪي رکڻ ،ھلائڻ يا وڪڻڻ جي ڏوھن ۾ پوليس لاڳاپيل ماڻھو کي ڪجھھ گھڙين لاءِ پڪڙي ٿي پر ان جو سڌوسنئون مطلب ان سان ليکو چوکو ڪرڻ ھوندو آھي.
اھو سلسلو ھڪ عرصي کان هلندڙ آھي، ائين تھ ٿي ئي نٿو سگھي تھ پوليس جون اعليٰ اختياريون انھن کان اڻ واقف ھجن.پوءِ نڪ جي پڪائي ڪري جيڪڏھن انھن ڏوھن ۽ غيرقانوني ڪمن تي پردو وڌو وڃي ٿو تھ ان جو ڪھڙو مطلب نڪري ٿو ؟سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماڻھون مظاھرا ڪري پنھنجن مطالبن مڃرائن لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رھن ٿا پر انھن جو انتظاميا تي ڪو بھ اثر نٿو ٿئي.
ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب رتيديري ۾ پوليس زيادتي خلاف عورتن ۽ ٻارن احتجاج ڪيو آھي.سڪرنڊ ۾ وڪيل تي ٿيل حملي خلاف ڊي ايس پي آفيس ٻاھران احتجاج ،چوھڙ جمالي ۾ پورھيت جو گھر واريءَ ۽ ٻارن جي اغوا خلاف احتجاج ،ڄام نواز ۾ نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج.پريالوءِ ۾ اھلڪار طرفان پورھيت تي تشدد خلاف احتجاج، نوابشاھ يونيورسٽي ۾ شاگردن جو بي واجبين خلاف احتجاج، ڪوھستان جي زمينن تي قبضي خلاف ڊي سي ٺٽي جي آفيس ٻاھران ڌرڻو ،قاضي احمد.جاتي ۽ ٻين شھرن ۾ اھڙي قسم جا احتجاج ٿيا آھن، سنڌ ۾ گھڻي وقت کان اھڙا احتجاج ٿيندا رھن ٿا. اھو ھڪ سلسلو آھي جيڪو جاري آھي.انھن ماڻھن کي ضرور ڪا تڪليف ھوندي جنھن ڪري اھي روڊن رستن ۽ انتظاميھ جي در تي وڃي ڪري دانھن ڪن ٿا.جنھن جو کين ڪڏھن ڪو مثبت جواب نھ مليو آھي.
ھڪ سڌريل معاشري ۽ جمھوري سرشتي ۾ عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انھن جي لاءِ سھولت پيدا ڪرڻ ئي بنيادي ڪم ھوندو آھي پر ھتي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگيءَ سبب عوام کي سھولتون نھ ملڻ ڪري روز سنڌ جي ٽن چئن درجن شھرن ۾ اھڙي نوعيت جا احتجاج ٿين ٿا.جنھن مان اندزو ڪرڻ ڪو گھڻو ڏکيو نھ آھي تھ سماج جي اصل حالت ڇا آھي.
ھر حڪومت طبقي ۽ ان سان سلھاڙيل حلقي جون پنھنجون اوليتون ھونديون آھن، ۽ بدقسمتي سان انھن جي ايجنڊا مان عام ماڻھو يا عوام جي لاءِ سھولتون مھيا ڪرڻ وارو اسم ئي گم ھوندو آھي.جنھن ڪري مجموعي طور تي معاشري مان سھپ رواداري ۽ مثبت قدر ختم ٿي رھيا آھن.جنھن جو منفي اثر سموري سماج تي بري طرح سان پئجي رھيو آھي.
ھن وقت ملڪ ۾ چونڊن واري موسم شروع ٿيڻ واري آھي جنھن ڪري نگران حڪومتن جو مرحلو ھلي رھيو آھي،اھو تھ ان طبقي جي ماڻھن جو مسئلو آھي جيڪي اڳتي ھلي ان مان ڪو مفاد يا فائدو حاصل ڪندا. ھتي جي عام ماڻھو جو اصل مسئلو اڄ بک،بيروزگاري ۽ مھانگائي آھي،جنھن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا بھ حڪومت يا انتظاميھ تيار نھ آھي.
ان جي ڪھڙي بھ وضاحت ڪئي وڃي يا ڪي عذر بيان ڪيا وڃن پر حقيقت ھي آھي تھ عالمي اداري کان ورتل قرضن ۽ ھڪ عرصي کان ملڪ جي سياسي جوڙجڪ ۾ مفادن جي مالڪ سياسي قوتن ملڪ جي عوام جو رت ست نپوڙي ڇڏيو آھي.جنھن ڪري عام ماڻھو ۾ ھاڻي حياتي جي گاڏي گھلڻ جي باقي سھپ ناھي رھي. وقت جي حڪومت جيڪڏھن قانون لاڳو ڪرڻ ۽ امن مان قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي عوام جي اھنجن تي پھا رکي تھ ان سان پڻ سماج ۾ پکڙيل بي چيني تي ڪافي فرق پئجي سگھي ٿو. ضلعن ۾ قائم انتظاميا جي ڪن مھٽ ڪري ان کي قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻجن تھ پڻ ان جا ھن ڏتڙيل ماڻھن جي حياتي تي ھاڪاري اثر پئجي سگھي ٿو.
توقع ڪريون ٿا تھ حڪومت عوام جي عزت ،جان ۽ مال کي يقيني بڻائڻ جي لاءَ اڳتي ايندي ۽ بھتر ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪندي، ان سان ئي بھتر ڏانھن سفر جاري رکي سگھجي ٿو.