ڇا جسٽس فائز عيسيٰ به ثاقب نثار، بنديال جي واٽ وٺندو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جج پنهنجي فيصلن ذريعي ڳالهائيندا آهن، جڏهن ته ثاقب نثار اسپتالن جا ڇاپا هڻي شراب جون بوتلون هٿ ڪندو هو ته اسان چوندا هئاسين ته اهو ڪم چيف جسٽس جو ناهي، جسٽس قاضي فائز سوموٽواختيارن تي سوال اٿاريندو رهيو  آهي، جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ ٻيا جج به چوندا رهيا ته اهي اختيار رڳو چيف جسٽس جو نه بلڪه سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي، جسٽس فائز جڙانوالا جي متاثرن سان ملاقات ڪئي آهي، خوشي ٿي هڪ شهري طور هو اتي ويو، پر ڪهڙي قيمت تي؟.

تجزئي نگار مطيع الله جان چيو ته جڙانولا سانحي تي اسان جو دل به ڏکي ٿيو آهي، جسٽس فائز مستقبل جو چيف جسٽس آهي، اصولي ڳالهه اها اهي ته عيسائي  ڀائرن کي حوصلو مليو آهي، قانوندانن ۽ سول سوسائٽي جي ذهنن ۾ سوال اٿيا آهن ته جسٽس فائز عيسيٰ کي اتي وڃڻ گهرجي يا نه؟ ڪهڙو سبب جو آهي سپريم ڪورٽ جا جج فيصلن بدران وڊيو ٺاهرائي ڊگهيون ڊگهيون پريس رليزون جاري ڪري رهيا آهن؟.

جسٽس فائز عيسيٰ کي پهرين ڳالهه تي اتي نه وڃڻ گهرجي ها ۽ ٻيو بيان به جاري نه ڪرڻ گهرجي ها ڇو ته هو سياستدان ناهي،سپريم ڪورٽ جو جج آهي ۽ هو آئنده چيف جسٽس بڻجي رهيو آهي، سپريم ڪورٽ جي جج جو پوليس آفيسرن کان سوال ڪرڻ صحيح آهي ته پوءِ جسٽس (ر) ثاقب نثار ڪهڙو غلط ڪيو، پوءِ چيف جسٽس عمر عطا بنديال به پنهنجي مرضي جي بئنچ ٺاهي ڇا غلط ڪيو، هڪ جج کي تعزيت، روئڻ پٽڻ کان بدران اهڙا فيصلا ڏيڻ گهرجن جنهن سان جڙانوالا جهڙا سانحا نه ٿي سگهن، ڇا جسٽس فائز عيسيٰ ۽ سياستدانن ۾ فرق نه هئڻ گهرجي؟ سپريم ڪورٽ جو جج بيان جاري ڪري ٿو ان کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ هاڻي ڇا ٿيندو؟ هاڻي انهن ڪيسن جو ٽرائل هلندو ته پوءِ اتي ججن کي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوندو.

هاءِ ڪورٽ جو جج به چوندو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انهن(عيسائين)سان همدردي ڪئي هئي، هن چيو ته جڏهن اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ايندو تيستائين جسٽس فائز عيسيٰ چيف جسٽس جو منصب سنڀالي چڪو هوندو،ته ڇا جسٽس فائز عيسيٰ ان ڪيس ۾ ويهڻ کان انڪار ڪندو ته مان ته جڙانوالا جو دورو ڪري چڪو آهيان، ان ڪري بئنچ ۾ نه ويهندس، شاهراهه دستور تي ماڻهن سان الجهڻ جسٽس فائز عيسيٰ جو رواج آهي.

ڇا جسٽس فائز عيسيٰ باقي 16 ججن کي بي حس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اهو دورو جڊيشل ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي جج کي عوامي تڪرار جو حصو نه بڻجڻ گهرجي،اهو حيران ڪندڙ واقعو آهي،هڪ طرح سان  حڪومت ۽ سياسي جماعتن کي شرم ڏيارڻ جهڙي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ جو جج متاثر عيسائين وٽ ويو آهي، عدالتي وقار جي قيمت تي جسٽس فائز عيسيٰ جڙانوالا جو دورو ڪيو آهي، هينئر کان ئي هو جيڪڏهن ائين ڪري رهيو آهي ته پوءِ چيف جسٽس ٿيندو ته ڇا ڪندو، کيس فيصلا لکڻ گهرجن جنهن سان گوجرانوالا ۽ جڙانوالا جهڙا واقعا نه ٿين، هن چيو ته فوج پنهنجو ڪم ڇڏي معيشت پئي ڏسي،جج فيصلن بدران دورا پيا ڪن، سياستدان عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڪاروبار پيا ڪن.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز آچر 20 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.