سماج ۾ پلجندڙ انسان نما واڳن کان نياڻين جي عزت کي محفوظ بڻايو وڃي

حميده گهانگهرو

اعليٰ تهذيب يافته، باشعور روين ۽ قدرن کي مهذب پڻو چيو ويندو آهي. دنيا ۾ رهندڙ قومون اصل ۾  پنهنجي طور طريقي، تهذيب ۽ ثقافت جي رنگن سان سڃاتيون وينديون آهن.

ڏٺو وڃي ته سنڌي سماج جي تاريخ، موهن جي دڙي کان قدر جي نگاهه سان سڄي دنيا ۾ ڇانيل رهي آهي اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪا برائي، تاريخي حيثيت کي داغدار ڪري ماڪڙ وانگر رشتن جي قدرن کي کائيندي وڃي ته پوءِ اها قوم مهذب نه پر اهڙي سري کاڌل پستيءَ جو شڪار ٿئي ٿي جنهن کي ڪنهن به حوالي سان ڌرتي ڌڻين جي سڃاڻپ نه پر سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي آيل واڳن جو روح انساني روپ ۾ ڪيترن سماجي، خانداني رشتن کي ڳڙڪائي وڃي ٿو. برائي برائي ليکي ويندي آهي.

عورت جي عصمت، عزت ۽ تحفظ گهر جي اندر گهر کان ٻاهر، ملازمت دوران(روزي ڪمائيندڙ چاهي فٽ پاٿ تي ويٺل هجي) ان جي زندگي ۽ تحفظ جي ضمانت معاشري جي هر پڙهيل لکيل باشعور ماڻهوءَ جي ذميواري هوندي آ پوءِ اهو، رت جو رشتو هجي يا نه هجي. عورت جي تحفظ جي شروعات هر انسان کي پنهنجي گهر کان ڪرڻ گهرجي. يعني گريبان ۾ هٿ وجهي سڀ کان اڳ محسوس ڪجي ته هڪ چوديواري ۾ رهندڙ پاڙي، سماج، گهر عورت، نياڻيءَ جي ڪيتري ذميواري پوري ڪري ٿو. پهرين ته گهر ۾ ڏسجي ته اسانجيون نياڻيون هڪ خاندان جي اندر پنهنجي ويجهن رشتن جي مقدس ماحول ۾ ڪيتريون محفوظ آهن. ڌيءَ جڏهن پيءُ، ڀاءُ آڏو ويهي ٿي ته هن جي سوچ ڪيتري پاڪيزه آهي. ڇا هو پنهنجي گهر جي نياڻيءَ واري برابري ٻئي جي نياڻيءَ  کي ڏئي ٿو. ڪٿي وري هڪ ڀيڻ جو مڙس ٻي ڀيڻ سان ناجائز، غير قانوني ۽ غير شرعي لاڳاپا رکي ڀيڻ کي ڀيڻ سان ويڙهائي ٿو. ڪٿي ڪا عورت نڪاح جهڙي مقدس ٻڌڻن ۾ ٻڌجڻ کانپوءِ به سئوٽ، ماسات، ڀاڄائي کان غير محفوظ آهي. ڇا انهيءَ جا اثر پلجندڙ ٻارن جي ذهنن کي متاثر نٿا ڪن. اهي معصوم ٻار ڪيئن مقدس ۽ صحت مند ذهن ٺاهي سگهندا. اڪثر اهڙا ٻار نفسياتي  مريضن يا وري غلط صحبت ۽ نشي جا عادي ٿي پاڻ کي مايوسي ۽ ويڳاڻپ جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ  جي ڪوشش ڪندا آهن.

اڄ ڏينهن تائين ڪنهن قلم کڻي انهن مقدس رشتن ۾ ڪيل غلاظت تي لکيو آهي؟ نه اڃان به  خاندان جا من گهڙت ڪوڙا قدر ڏيکاري، ڌپاري ماحول کي ڍڪي رکڻ چاهيندا آهن، اهو الميو اسانجي معاشري ۾ ناقابل برداشت ٿيندو پيو وڃي. نياڻين سان گهڻائي زيادتين جا واقعا ٿيندا آهن پر خاندان جي عزت جو سوال ڄاڻائي لڪايو ۽ دٻايو ويندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ نياڻي کي ٻي سزا اها ملندي ته کيس ڪنهن وڏي عمر جي پوڙهي يا وري ڪنهن شوقين مرد سان شادي ڪرائي پنهنجو داغ ڌوئي ڇڏيندا. پر انهيءَ مرد کي ڪابه سزا نه ملندي. جيڪو مجرم کان به بدتر عمل ڪيو ويٺو هوندو.

جڏهن پنهنجي ئي خاندان جي براين کي ڪوڙي انا تحت ڍڪي عورتن سان استحصال ٿئي ته ڪهڙي چڱائي ۽ بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ سنڌي زبان جي 52 اکرن ۾ هر اکر ۾ مقدس رشتن جي سڃاڻپ، قدر ۽ اهميت سمايل آهي. پوءِ هر اکر کي ميڙي چوندي ڪوڙ ۾ شامل ڪري شاعريون ڪيون وينديون. سندن گريبان غلاظت سان ڀريل ۽ دنيا جي واهه واهه لاءِ لفظن جي اوٽ  ۾ غداري ڪرڻ ڪهڙي ضمير جي عدالت ۾ مهارت رکندڙ هوندو.

گهڻو وقت اڳ سنڌ جي پهرين ناول نگار عورت بادام ناتوان، وڏيرڪي ۽ جاگيرداري سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلمن تي يادگار ناول لکيا. وڏيري جي رکيل (سريت) جيڪا عورت جي روپ ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي آهي، وڏيري جي رکيل ڄڻ شرعي طور جائز ليکي ويندي آهي. وري مٿان چادر چارديواري جي عزت، عظمت، لڄ شرم حياءُ جا فيصلا ٻڌائيندي ڪا به نوجوان ڇوڪري پنهنجي پسند جو اظهار ڪندي ته انهيءَ کي ڪاري ڪري ماريو ويندو. يا سزا طور زبردستي شادي ڪرائي ويندي ۽ پوءِ سڄي زندگي خوشي جا ڳيچ ڄڻ طعنن جي صورت ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا ۽  چارديواري جي اندر چادر جون ليڙيون ليڙون ٿيندي زخمن سان چور چچريل نياڻين جا جسم سمجهه کان ٻاهر ٿا نظر اچن. نياڻي ڄڻ ڀت ۾ قيد ڪيڙو ماڪوڙي سمجهي پنهنجي هوس جو شڪار ٿيندي رهندي. خاص طور پيرن، ميرن، وڏيرن جي حويلين ۾ غريب ماڻهو غربت ۽ مجبوريءَ ۾ پنهنجا ننڍڙا ٻار ڇوڪرا اوطاق تي ڪم ڪندا ته ننڍڙيون نياڻيون حويلين ۾ ڪم ڪنديون. حويلين جا مرد ڳجهه وانگر شڪار جي تلاش ۾ ڪنهن به مرڪندڙ نوجوان نياڻيءَ کي پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي رکندا.

ان ڊگهي پسمنظر ۾ تازو راڻي پور جي معصوم نياڻي فاطمه جو واقعو آهي. جنهن لاءِ ملزم اسد شاهه اعتراف ٿو ڪري ته فاطمه جو موت تڪليف سبب ٿيو آهي. ڇا غريب جو خون ايترو سستو آهي امڙ جي ڪُک جنهن ۾ هڪ پير، مير، وڏيرو 9 مهينا پلجي هن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو ته سندس امڙ جي ٿڃ ۾ جنت جي حورن واري ستي پيل هوندي آهي جو سمجهه ايندي انسانيت جا دائرا ڪاري ڪڪرن ۾ لڪل هوندا آهن سچ چيو آهي شيخ اياز ته

”اڄ لالا لهوءَ جي سرگرم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري

منهن هيڊ ٿيا غدارن جا بيشرم وڏيرن پيرن جا “

هيءُ پهريون واقعو ناهي. ان کان اڳ ڪيترين نياڻين جا لاش لڪائي دفنايا ويا آهن يا وري غريب مائٽن کي ڌمڪيون ڏئي ڪجهه پئسا ڏئي خاموش ڪرايو ٿو وڃي. هڪ نياڻيءَ جي تڙپندڙ جسم ۽ موت جي منزل ڏانهن ويندڙ ساهه جي آخري گهڙين تي ڪافي مزاحمتي احتجاج ۽ نياڻيءَ تي شاعري ڪئي وئي آهي پر ڇا اهو ڪافي آهي جيئن مان مٿي وضاحت ڪندي آئي آهيان ته انهيءَ تسلسل کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جو طريقو ملڪ جي ساڃاهه وندن قلم ڪارن کي قول ۽ فعل جي دائري کي ورهائڻ بجاءِ زباني ۽ عملي رستو هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

عورتن جي حقن ۽ تحفظ ۾ بل به پاس ٿيا. پر ايوانن جي مقدس ڪرسين تي ويٺلن ڪيترن قاتلن جي پوئواري ڪندي سماج نانگن جو به بچاءُ ڪيو آهي. ڪيترين معصوم نياڻين جي بي ڏوهي قتل، زيادتين تي ڪنهن قاتل مجرم کي سزا ملي آهي؟ ڪيتريون معصوم نياڻيون اغوا ڪري غائب ٿي ويون آهن، انهن جون مائرون دروازن ۾ نير وهائيندڙ نياڻن سان ڏسن ٿيون. آخر ڪيستائين ظلم ڏاڍ جي چڪي ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ جهڙي مقدس رشتن  کي چچلائيندي رهندي يا ڪجهه پئسن جي لالچ ڏئي انساني قدرن جا جنازا ڪڍيا ويندا. پيرن، ميرن، ريتن رسمن جي آڙ ۾ بي زبان بڻائيندڙ عورتن سان ظلم جا داستان دفن ٿيندا يا عياشي جي اوڙاهه ۾ فطرت جي ماريلن کان سماج جي لڪل ۽ ظاهري ظلم جو ڪو تدارڪ ٿيندو؟

جيستائين عورت سان عورت جو استحصال ختم نه ٿيندو. تيستائين معاشري ۾ نياڻين لاءِ عزت ڀريو مقام قائم نٿو ٿي سگهي. حويليءَ جي قيد ۾ هجي يا حويلي کان ٻاهر ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙي نموني غربت تحت ڪم ڪندڙ نياڻيون رضوانه هجي يا الف ب سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. رياست غربت ۾ پيسجندڙن لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو انتظام نه ڪندي، نياڻين کي مفت تعليم نه ملندي ته مخدوم بلاول کي پيڙيندڙ گهاڻو هميشه غريبن جي حساس جذبن کي پيڙيندو رهندو.

ڪٿي ايئن به آهي ته عورت پنهنجي تحفظ لاءِ آواز نٿي اٿاري يا کيس هيسايو ۽ دٻايو ٿو وڃي. ٻنهي صورتن ۾ آخر ظلم ڪندڙ جي خلاف ظلم سهندڙ عورت کي پنهنجي زبان کي لڳل تالي واري زنجير کي ٽوڙڻو پوندو ملڪ جي خاموش ۽ سالن جا سال هلندڙ ڪيس ۾ عورت کي پنهنجي عدالت پاڻ ٺاهي پوندي تڏهن وڃي سماج جا واڳون چڪ پائي هڙپ ڪرڻ بدران ڏيڏر وانگر ٽان ٽان ڪندا رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.