ضياءَالحق جي دور ۾ پاڪستان جي ترقي پسندن جي لاءِ حمزه علوي جي تحقيقي مقالن جي اھا ئي اھميت ھئي جيڪا اڄ جي دور ۾ ارون ڌتي جي لکڻين جي آهي. ضياءَ الحق سماج ۾ تنقيدي فڪر ۽ روشن خياليءَ جا در بند ڪرڻ ۽ ماڻهن کي کوهه جي ڏيڏر بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي. اهڙي صورتحال ۾ حمزه علوي جي مارڪسي ويزن پاڪستان ۾ جمهوريت جي عاشقن کي روشنيءَ جي ڪرڻو ڏيکاريو. پاڪستان جي بدقسمتي اها رهي آهي ته هتي جون حالتون شروع کان ئي جمهوريت لاءِ ناسازگار رهيون آهن.
پهرين سول بيوروڪريسي ۽ ان پوءِ فوجي بيوروڪريسي جمهوريت کي وڌڻ ويجھڻ نه ڏنو. اڄ ڪل جيڪو ڪجهھ ٿي رهيو آهي. اهو ڏسي رياض شيخ کي حمزه علوي جي مقالي ”پاڪستاني سياست (فوج ۽ بيوروڪريسي جو ڪردار)“ جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو خيال آيو. بدلتي دنيا پبليڪيشنز پاران شايع ڪيو ويو ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ان جي مھورتي تقريب ٿي.حمزه علوي اھو مقالو 1967ع ۾ لکيو ھو .حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ 2023ع ۾ به صورتحال ساڳي آهي ۽ ان ڪري هن مقالي جي ترجمي جي ضرورت پئي.
شروع کان ئي پاڪستان ۾ سول ۽ فوجي بيوروڪريسي مضبوط هئي ۽ سياستدان ڪمزور ۽ڇڙوڇڙ هئا ۽ ھاڻي پڻ صورتحال ساڳي آهي. ها اڳي سول سوسائٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جا اصطلاح استعمال نه ٿيندا هئا. پر شروع کان ھاڻي تائين سياستدانن جي حالت ساڳي آهي. ھن وقت اسان پي ڊي ايم کي ڏٺو.شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ تيرهن سياسي پارٽيون ڪيئن اسٽيبلشمينٽ جو خوشنودي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هيون. سو ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ شروع کان ئي فوج ،جاگيرداري ۽ ملان سازبازکي ڏٺو آھي.عوام شروع کان پيڙجندو رھيو آھي. جڏهن ماڻهن جي ڳالهه ايندي آهي ته مون کي فيض احمد فيض جو نظم ”ڪتا“ ياد اچي ويندو آهي، ڪو ئي ان ڪو احساس ذلت دلا دي . ڪوئي ان ڪي سوئي ھئي دم ھلا دي “
پاڪستاني عوام کي رڳو ھڪ ڀيرو پنهنجي طاقت جو احساس ٿيو جڏهن ڀٽو ”اٽي لٽي ۽ اجھي“ جو نعرو ڏنو ۽ عوام کي عزت نفس جو احساس ڏياريو. پر جيئن پنھنجي ڪتاب جي باب ٻئي ۾ رياض شيخ لکيو آهي ته ”ڀٽو جي حڪومت ڪجھھ مثبت قدم کنيا جھڙوڪ تعليم ۽ ثقافت جو فروغ پر ناڪاري قدمن جي لسٽ گهڻي ڊگهي آهي“
ان کان پوءِ ضياءَ جي فوجي دور ۾ رشوت ۽ ڪرپشن جي واقعن ۾ ايتري واڌ ٿي جو ملڪ تاريخ ۾ ان کان اڳ ڪٿي به اھڙا مثال نھ ملندا ھئا. حمزه علوي جو هي مقالو پڙهندي سوچيم پئي ته هن 50ع ۽ 60ع وارن ڏهاڪن ۾ پنھنجي تحقيق ڪئي هئي پر پوءِ واري دور ۾ اهڙي ڪا تحقيق ڇو نه ٿي سگهي. ڪتاب جي ٻئي باب جي آخر ۾ رياض شيخ به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن حمزه علوي صاحب اڄ زنده هجي ها ته شايد اها ھن صورتحال جو بھ ڪو مارڪسي تجزيو پيش ڪري ھا.پر هاڻي اها ذميواري اسان جي دور جي دانشورن تي لاڳو ٿئي ٿي اھي هن صورتحال جو جائزو وٺن ۽ ان جو تجزيو پيش ڪن. مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن ۽ اسين پنھنجون پاليسيون غريب عوام جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ۽ پنهنجي پرڏيهي پاليسي اھڙي جوڙيون جھڙي ھڪ آزاد ۽ خود مختيار واري ھجي، ته پوءِ سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، پر اهو ان لاءِ. درست معنيٰ ۾ نيوٽرل کي نيوٽرل ھئڻ ٿيڻو پوندو. ياد رکو ته جمهوريت جي خرابين جو علاج وسيع ۽ وڌيڪ جمهوريت ۾ ئي آهي ٻيو ڪو به ناهي.