ادبي سفر ۾ جيڪي معتبر ماڻهو مليا جن متاثر ڪيو جن کان سکياسين، جيڪي اتساھ جو سبب بڻيا، جن جي سڪ لڳڻ شروع ٿي جيڪي جيءُ سان جڙجي ويا سائين لکاڏنو ڪلال خاصخيلي به انهن حسين ماڻهن مان هڪ هئو، سندس نثري نظم ۽ وائين جي ڪتاب "پاڇا منهنجي پاند ۾” کان وٺي ساڻس پيار جو تعلق جڙيو جيڪو وڇوڙي جي هن گهڙيءَ تائين قائم رهيو۔
سندس بيماري جون خبرون ٻڌي دل چيو ساحر سان گڏجي ساڻس عيادت ڪري اچان پر ڀارو امراڻي جو اسٽيٽس پيرن ۾ زنجير بنجي ويو ته: سائين ڳالهائي نٿو سگهي ۽ ملاقات لاءِ ايندڙ شخص ڏي ڏسي روئندو ٿو رهي۔
اهو جملو پڙهي مان اڪيلائي ۾ ڪافي دير روئندو رهيس، دل چيو وڏن وڏن ٽهڪن کي ريلا ڪندڙ لڙڪن ۾ ڏسي سگهندين، زندگي جهڙي شخص کي موت جي اونداهي غار ۾ ويندو ڏسي سگهندين ساحر ڏسي سگهندو؟ ۽ پوءِ الڪي جي ٽياس تي ٽنگيل رهجي ويس ۽ هو هليو ويو!
ھو جنهن لاءِ سائين رنگريز لکيو: ڪلال نه رڳو هڪ حساس قلب و ذهن رکندڙ شاعر آهي،پر هڪ سٺو پڙهيل ڳڙهيل، سڄاڻ ۽ فطرتن ڀلوڙ انسان به آهي۔
هو واقعي تمام گهڻ پڙهيو شخص هو، ساڻس ڪيل ڪچهريون ڄڻ دنيا جي ادب سان ملاقاتيون هيون، هو انورپيرزادي صاحب وانگر وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو هئو، جيڪي وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا آهن انهن جو اندر درد جي رنگن سان رڱيل هوندو آهي ۽ اهي ڏاڍا سهڻا هوندا آهي، اهي پرڪشش هوندا آهن، سندن سڪ لڳندي آهي، دل چوندي آهي ڳالهائيندا رهن ۽ کين خاموشيءَ سان ٻڌندو رهجي، ايئن ئي هئو سائين ڪلال۔
هن جا نثري نظم بھ منفرد آهن، اهي هن ايڏي ته نفاست سان لکيا آهن، جيئن پوپٽ گلن کي ڇهندا آهن مثال:
سرهي سرهي سانوڻ رت ۾
انڊلٺ وانگي
تنهنجي دل تي
جڏهن به ڪوئي
اجهل، اٻهرو،
۽ اڻ پليو
درد اٿي،
ان تي منهنجو نالو رکجان!
مون کي ساري، مون کي ڳولي،
پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ!
گلابو!
جڏهن پوپٽن جي
ڇهاون کي واسيو
ته منهنجي
اندر ۾ به ٽڙجو۔
هو زندگي سان پيار ڪندڙ شخص هو، هميشه شيرواني، گلي وارو ڪڙتو اڇي رنگ ۾ ۽ سنڌي ٽوپي پاتل هوندي هئس. اڪثر فون ڪري حال احوال وٺندو هئو ۽ دنيا جي ڪنهن نئين فن پاري جو تعارف ڪرائيندو هئو، اڄ صبح سان سندس وڇوڙي جي خبر جيءُ جهوري وئي، هاڻي ڳري آواز سان ڪوبه نه چوندو سائل ايڏا ڏينهن نه حال نه احوال، بس هو ياد ايندو ۽ اکيون آليون ٿي وينديون سائين اوهان کي ڪيئن ٻڌايان ته مون اوهان جي وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ اوهان جو ترجمو ڪيل محمود درويش جي بيروت ڊائري خريد ڪئي آهي. افسوس ان تي اوهان جي راءِ کان محروم رهجي ويس يقينن جنت ۾ هوندئو۔